شهيد الله رکيو جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ پوليس کي لڳاتار ناڪامي

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ شھيد استاد الله رکيو نندواڻي ۽ شھيد اھلڪار  اسماعيل ڏاھاڻي جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه  ٿي سگھيا قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو اٺين ڏينهن تي به جمال، شبيرآباد ،تنگواڻي ۽ ڪرمپور ٿاڻن جي حد ۾ ڪوڪاري نندواڻي گينگ جي خلاف ايس ايس پي بشير احمد بروھي جي سربراھي ۾ پوليس ۽ رينجرس جو آپريشن جاري آهي ايس ايس پي بشير احمد بروھي چيو آهي ته شھيدن جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين ،هوڏانهن پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي شهيد استاد الله رکيو ننداڻي جي پٽ وقار نندواڻي جي تعليم ۽ ان جي ماءُ ۽ ڏاڏي جي گذر سفر جي سموري ذميواري کڻي ورتي. هن چيو ته ظالمن هڪ قلم هٿ ۾ کڻندڙ استاد کي شهيد ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.