پني عاقل ڀرسان ڪارنهن تڪرار جو جرڳو،8 سالن جي نياڻي سڱ چٽي ۾ پرڻائي ڏني وئي

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) دبر ٿاڻي جي حد ۾ بااثر قادر بخش جاگيراڻي پاران ڌرين جو جرڳو گھرائي ڪارنھن الزام ھيٺ آيل ڌر تي ڏنڊ طور سڱ چٽي ڀري ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو، سڱ چٽي ۾ اٺن سالن جي ٻارڙي جو نڪاح پڙهايو ويو، جرڳي کان حد جي پوليس لاعلم بڻيل ، تفصيلي رپورٽ موجب پنوعاقل ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪري جاگيراڻي ۾  پراڻي ڪارنھن معاملي جو  قادر بخش جاگيراڻي جي سرپئنچي هيٺ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين قدرت الله ۽ صدر الدين جاگيراڻي  جي ڌرين جو جرڳو گھرايو ويو، جرڳائي ڀوتار پاران  ڪارنھن الزام هيٺ آيل ڌر قدرت الله جاگيراڻي مٿان ڏنڊ طور سڱ چٽي  رکي وئي ۽موقعي تي ئي قدرت الله جاگيراڻي جي اٺن سالن جي ڌيءَ جو نڪاح پڙهائي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو،جنهن بعد نينگري جو نڪاح به پڙھايو ويو، ذريعن موجب جرڳائي ڀوتار قادر بخش جاگيراڻي ڪارنھن الزام هيٺ آيل ڌر قدرت الله جاگيراڻي جي اٺن سالن جي ڌيءَ شاھدہ کي سڱ چٽي ۾ ڪارنھن الزام ھڻندڙ صدر الدين جاگيراڻي جي پٽ کي پرڻائي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي ۽ ان موقعي تي ئي نينگري جو نڪاح به پڙهايو ويو آهي، واضع رھي ته ٻھ مھينا اڳ جوابدار صدرالدين جاگيراڻي پنھنجي جوان ڌيء ثمينه  کي قدرت الله جاگيراڻي جي پٽ سان ڪارنھن جو  الزام ھڻي قتل ڪري ڇڏيو هو  جنھن کان پوءِ دبر ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي  مقتولا  ناري ثمينه جي پيءُ صدر الدين جاگيراڻي ۽ ٻين جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جنھن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي جنھن معاملي جو گذريل ڏينهن دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪري جاگيراڻي ۾  بااثر وڏيري قادر بخش جاگيراڻي جي سرپئنچي ۾  ڌرين جو جرڳو گھرايو ويو ھوڏانھن حد جي دبر ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اھڙي جرڳي جو  علم نه آهي ۽ باقي وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.