ڍورو پراڻ ، ايل بي او ڊي ۽ هاڪڙو ڊرين لاءِ الڳ اسڪيم جو اعلان

ڪراچي )رپورٽر)   سنڌ حڪومت ڍورو پراڻ ، ايل بي او ڊي ۽ هاڪڙو ڊرين مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِالڳ اسڪيم ٺاھڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو.  ان سلسلي ۾ صوبائي وزير خوراڪ ۽آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جي صدارت ھيٺ ڊي سيز,روينيو۽آبپاشي جي آفيسرن سان اجلاس ٿيو.ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته ، ڍورو پراڻ ، ايل بي او ڊي ۽ هاڪڙو ڊرين مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ الڳ اسڪيم ٺاهي پئي وڃي. ان اسڪيم تحت آر ڊي 210 تي وڏو گيٽ لڳايو ويندو، ٽنهي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي لاڳاپيل ضلعن مان آيل ايل بي او ڊي، ڍورو پراڻ ۽ هاڪڙو ڊرين جو معائنو ڪري رپورٽ پيش ڪن ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پر ان باوجود نارا ۽ روهڙي ڪئنال کي  7200 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي ۽ چيو ته سنڌ صوبي جا پاڻي کوٽ جي حوالي سان وفاق سان اختلاف آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.