اليڪشن ٽربيونل ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ طرفان فاروق ستار جي ڪاميابي چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود اليڪشن ٽربيونل ۾ اين اي 244 ۾ تحريڪ انصاف جي آفتان جهانگير ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار جي ڪامبيابي  کي چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواستگذار آفتاب جهانگير چيو ته اسان وٽ فارم 45 موجود آهي، فارم 45 موجب اين اي 244تان مان ڪاميباب ٿيو آهيان، رٽرننگ آفيسر فارم 47 ۾ ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار کي ڪاميباب قرار ڏنو، عدالت کان استدعا آهي ته فاروق ستار جي ڪاميبابي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي .

  1. ڪراچي ۾سائن بورڊ ڪرڻ سبب شهري جو موت: ميونسپل ڪمشنر جا گرفتاري وارنٽ

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ سائن بورڊ ڪرڻ سبب شهري جي فوت ٿيڻ جو معاملي بابت ٻڌڻي ٿي،ناظم آباد جي ايس ايڇ او پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾  چيو ويو آهي ته ميونسپل ڪمشنر اختر شيخ ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي آفيس مان غير حاضر آهي، ٽي ايم سي آفيس به ويس جتي اظهر علي به غير حاضر ھو، ٽئين جوابدار سيد تسليم احمد سيشن ڪورٽ مان عبوري ضمانت وٺي ڇڏي،  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سندس ضمانت تي فيصلو 28 تاريخ تي ڪيو ويندو، عدالت ايس ايڇ او جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته توهان خلاف ڇو نه ڪارروائي ڪئي وڃي،  عدالت ايس ايڇ او کي 28 مارچ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر مفرور جوابدارن ميونسپل ڪمشنر اختر شيخ ۽ ڪي ايم سي جي ڊائريڪٽر اظهر علي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ايس ايس پي سينٽرل ذريعي وارنٽ جاري ڪيا ويا، عدالت جوابدارن جا شناختي ڪارڊ نمبر به طلب ڪري ورتا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.