ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ۾ شھيد پوليس اھلڪار اسماعيل ڏاھاڻي جي جنازي نماز ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي آ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي بشير بروھي، رينجرس جي ڪرنل سميت پوليس ۽ رينجرس جي جوانن سميت علائقي واسين شرڪت ڪئي شھيد کي اعزازن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته شھيد پوليس اھلڪار اسماعيل ڏاھاڻي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ شھيد ٿيل استاد الله رکيو نندواڻي جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آهن قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ترجمان موجب ڇھين ڏينهن تي به جمال ـ تنگواڻي ـ ڪرمپور ٿاڻين جي حد ۾ ڪوڪاري نندواڻي گينگ جي خلاف آپريشن ھلندڙ آهي ڏوھارين جا وڌيڪ پنج ٺڪاڻا ڊاھي پٽ ڪيا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري تائين ڏوھارين ،ساٿين ۽ سھولتڪارن جي خلاف ڀرپور آپريشن جو سلسلو جاري رھندو
-
”بابا جا قاتل گرفتار ڪريو“شهيد استاد الله رکيو جي پٽ جي شبيربجاراڻي آڏو اپيل
تنگواڻي( رپورٽ: مھتاب ملڪ) شهيد استاد الله رکيو نندواڻي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا پ پ ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي ايم پي اي سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي مير زرياب علي خان بجاراڻي مير شھنواز خان بجاراڻي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ڏک جو اظهار ڪيو شهيد استاد جي معصوم پٽ پ پ ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي کي چيو ته بابا جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪرايو جنهن تي ماحول سوڳوار ٿي ويو تڏي تي ويٺل ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا جنهن تي مير شبير علي خان بجاراڻي چيو ته پوليس ۽ رينجرس جي مدد سان آپريشن ڪري رهي آهي جلد قاتل گرفتار ٿيندا.