غلام نبي ميمڻ کي چئلنيج سمجهي ڪري ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي

غلام نبي ميمڻ کي هاڻي جڏهن ٻيو ڀيرو آءِ جي سنڌ (انسپيڪٽر جنرل) مقرر ڪيو ويو آهي ته ڇا اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هو ٻئي ڀيري گذريل دور کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندو. غلام نبي ميمڻ ان کان اڳ جون 2022ع ۾ آءِ جي سنڌ مقرر ٿيو هو. هو مختلف ضلعن ۾ ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي به رهيو آهي. کيس پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ وسيع تجربو رهيو آهي. ستاره شجاعت ۽ تمغئه امتياز پڻ ملي چُڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته غلام نبي ميمڻ جي، آءِ جي مقرر ٿيڻ سان سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جا امڪان آهن ڇاڪاڻ ته نگران حڪومت ۾ جڏهن رفعت مختار کي آءِ جي بڻايو ويو هو ته ان وقت ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب هئي. حيرت آهي ته پوءِ به وفاقي حڪومت رفعت مختار کي ئي ان عهدي تي برقرار رکڻ پئي چاهيو پر سنڌ حڪومت جي زور تي نيٺ غلام نبي ميمڻ کي ئي آءِ جي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

ڪنهن به گهرو وزير يا آءِ جي سنڌ لاءِ سنڌ ۾ امن امان کي قائم رکڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي ۽ جيستائين امن امان کي چئلينج ڪري نه وٺبو تيستائين ان معاملي کي سنڀالي به نه سگهبو. سو پهرين ڳالهه ته اهو ڏسڻو پوندو ته آءِ جي سنڌ ان معاملي کي چئلينج سمجهي به ٿو يا نه. اسان جو خيال آهي ته غلام نبي ميمڻ تڏهن ئي ڪامياب آءِ جي ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو پنهنجي ذميواري کي چئلينج سمجهندو ٻي صورت ۾ اهو رواجي آءِ جي طور ڏٺو ويندو.

سندس لاءِ هڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته کين ٻيو ڀيرو لڳاتار آءِ جي سنڌ ٿيڻ جو موقعو مليو آهي، نگران حڪومت کان اڳ غلام نبي ميمڻ ئي آءِ جي هو سو ان حوالي سان کيس گذريل دور جو تجربو به يقينن ڪم ايندو.  ان تجربي جي هاڻي تقاضا اها آهي ته کيس هڪ تجربي ڪار آءِ جي واري ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته گذريل دور جنهن کي گهڻو وقت به ناهي ٿيو تنهن ٽيم ۽ نيٽ ورڪ کي هو وڌيڪ بهتر ڪري سگهي ٿو. گذريل دور جي سٺي ۽ ڪمزور ڪم جو ڪاٿو ڪري سگهي ٿو.

غلام نبي ميمڻ لاءِ هن وقت وڏي ۾ وڏي چئلينج  ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو وڌندڙ راڄ، سنڌ ۾ مجموعي بدامني ۽ خاص ڪري موبائيل جي ڦرن جو وڌندڙ خوفناڪ لاڙو آهي.جيڪو  عيدن جي موقعن تي تمام گهڻو وڌي ويندو آهي. هن هلندڙ سال جي ٻن مهينن اندر رڳو ڪراچي ۾ 44 ماڻهو ڦورن هٿان جان وڃائي ويٺا آهن جيڪا صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ان پس منظر کي ڏسندي پوليس کاتي کي نيشنل ايڪشن پلان جهڙو آپريشن ڪرڻ گهرجي جيئن ڏوهارين جي نيٽ ورڪ کي مڪل طور تي ختم ڪري سگهجي. نيشنل ايڪشن پلان هڪ فوجي آپريشن هو پر غلام نبي ميمڻ اهڙو پوليس آپريشن به ڪري سگهي ٿو جيڪو کيس هنگامي بنياد تي ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ کيس امن امان کي رڳو برقرار رکڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو پر شروعات کيس سگهاري آپريشن سان ڪرڻي پوندي جيئن ڏوهارين کي چٽو پيغام ملي سگهي ۽ عوام کي دلجاءِ ٿئي ته حڪومت امن امان جي معاملي ۾ واقعي به سنجيده آهي. عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي ان چئلينج ڪري ورتو آهي.

سو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ مان هاڻي هو هڪ تجربي ڪار آءِ جي سنڌ طور اميد ڪجي ٿي ته هو گذريل دور جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪري ڏيکاريندو ۽ عوام کي سندس ڪم واضح طور نظر ايندو ان لاءِ کيس ڏوهارين جي نالن جي لسٽ طلب ڪري انهن خلاف سڄي سنڌ جي ڊويزنن، ضلعن، تعلقن ۽ يوسيز ۾ آپريشن جو فوري ڪم ڪرڻ گهرجي.

رڳو واقعن جون رپورٽون طلب نه ڪريو ڪارروائي به ڪريو

جيتوڻيڪ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار طرفان شاهپور جهانيان ويجهو زمين جي مالڪي تان ٿيل خوني ويڙهه جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي پر مجموعي طور تي ڏسجي ته اهڙن واقعن جو ڪارڻ لاقانونيت ۽ بروقت عدالت مان انصاف نه ملڻ آهي. بيڊ گورننس به ان جو وڏو ڪارڻ آهي.

هاڻي جڏهن پ پ کي سنڌ ۾ لڳاتار ٽيون ڀيرو حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته اميد ڪجي ٿي ته هڪ تجربيڪار حڪومت طور اها گڊ گورننس قائم ڪري سگهندي . اسان وٽ قبيلائي جهيڙا ۽ رتوڇاڻ اصل ۾ لاقانونيت جو مظهر آهن. هتي قانون هٿ ۾ کڻڻ ڪو مسئلو ئي ناهي پر جيڪڏهن قانون ۽ انصاف لاءِ وڃجي ٿو ته اتي عمر ئي ڳري وڃي ٿي. انصاف جو ڪو آسرو ئي ناهي. عدالتي ڪارروائي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهن تنهن ڪري هر ماڻهو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجا حق يا مفاد ماڻڻ گهري ٿو جنهن سان مسئلا ٿين ٿا.

جهالت، انتها پسندي ذاتي دشمنيون، لالچ به انهن قبيلائي جهيڙن جو بڻ بڻياد آهي. انهن جي خاتمي لاءِ تعليم۽ شعور گهرجي ٿو تهذيب يافته معاشرو گهرجي ٿو پر جيستائين پنهنجو تهذيب يافته سماج جڙي تستائين حڪومتن جو اهو فرض هوندو آهي ته اهي سماج اندر قانون، آئين ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪن ته جيئن ڪنهن به ماڻهوءَ کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي همت نه ٿئي. چوڻ جي حد تائين ته اسان جا حڪمران چوندا رهندا آهن ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين پوءِ به اهڙو نظام نه جوڙي سگهيا آهن جو ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي همت نه ٿئي. سو ان مسئلي جو حل آئين ۽ قانون  جي بالادستي ۽ گڊ گورننس ۾ آهي جيڪا جيڪڏهن لاڳيتو ٽي سال حڪومت ڪندڙ پ پ به نه ڪري سگهي ته اها ئي ٻڌائي ته ان کي ڇا سمجهجي.

پر هاڻي ڪمزور حڪومت جي ڪا گنجائش ناهي ان کي مجموعي طور تي هڪ سٺي حڪومت واري ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ۽ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي تي به فوڪس ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ چوڻ وارا ان کي ناڪام حڪومت طور ئي ياد ڪندا.

اسان وٽ وڏن واقعن تي، پورٽ طلب ڪرڻ جي ڳالهه ايئن ڪئي ويندي آهي ڄڻ بس رپورٽ ملڻ شرط ئي ڪارروائي ٿيندي پر ايئن ٿيندو ناهي. ڏسون ته هيل شاهپور جهانيان واري واقعي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪجهه ٿئي ٿو؟ سو رڳو رپورٽون طلب نه ڪريو پر ڪارروائي به ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.