طالبان سپريم ڪمانڊر جو آمريڪا سان جنگ جاري رکڻ جو اعلان

افغان طالبان جي سپريم ليڊر ملان هيبت الله اخوندزاده چيو آهي ته سندس حڪومت  جو اسلامي حدن ۽ شرعي قانون تي مڪمل عملدرآمد جو اٽل ارداو آهي.ھن جو چوڻ آھي  ته آمريڪا خلاف طالبان جي جنگ اڃا ختم ناهي ٿي.افغانستان ۾ حڪمران طالبان  عملدارن جو چوڻ آهي ته سپريم ليڊر ملان هيبت الله اخوندزاده پنهنجو تازو آڊيو پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”شريعت ۽ الله جي حدود (قانون) لاڳو ڪرڻ  اسان جو مشن آهي“.

هيبت الله اخوندزاده جو هي آڊيو افغانستان جي نيشنل براڊڪاسٽر آر ٽي اي جي ڊپٽي هيڊ ،هدايت الله هدايت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيو آهي. بهرحال، طالبان عملدارن اهو ناھي ٻڌايو ته اخوندزاده اھوآڊيو بيان ڪٿي رڪارڊ ڪرايو. بهرحال، چيو وڃي ٿو ته ھو عام طور تي قنڌار ۾ رهي ٿو ۽  گهٽ ئي اتان ٻاهر نڪرندو آھي.

طالبان جي سربراهه هيبت الله اخوندزاده خاص ڪري  آمريڪا ۽ اولھھ کي  مخاطب ٿيندي چيو ته  ايندڙ وقت ۾ سنگسار جي سزا به ڏينداسين.

طالبان سخت لھجي ۾ چيو تھ ”توهان چئي سگهو ٿا ته اها عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن انهن کي سنگسار ڪيو وڃي،“  پر زنا جي ڏوھي عورتن جي خلاف اسان جلد ئي سرعام سنگسار جي سزا لاڳو ڪنداسين. اسان عورتن کي سرعام ڪوڙا هڻنداسين اهي حرڪتون  توهان جي جمهوريت جي خلاف آهن ۽ توهان سان ان تي بحث ڪنداسين. توهان انسانيت لاءِ وڙهڻ جي دعويٰ به ڪريو ٿا. مان ساڳي دعويٰ ڪريان ٿو پر اسان الله جي حدن کي نافذ ڪنداسين“.

ملان هيبت الله اخوندزاده چيو ته آمريڪا انسانيت کي نجات ڏيندڙ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر حقيقت ۾ اهو شيطان جي نمائندگي ڪري ٿو جڏهن ته اهي (افغان طالبان) الله جي نمائندگي ڪن ٿا.هن آمريڪا ۽ اولهه تي الزام هنيو ته اھي عورت لاءِ انسان ۽ جانور ۾ ڪو به فرق ناهي.طالبان جي سپريم ليڊر جو چوڻ  آھي ته سندن مقصد  ”زمين تي الله جي دين ۽ شريعت کي نافذ ڪرڻ“ آھي  ۽ ”ڪابل تي قبضو ڪرڻ ۽ صوبن ۾ حڪومتون قائم ڪرڻ  سان (دين اسلام جي نفاذ جو سلسلو ) اتي ختم نٿو ٿئي.

افغان طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده چيو آهي ته آمريڪا خلاف ھنن جي جنگ اڃا ختم ناهي ٿي.پنهنجي آڊيو پيغام ۾ طالبان جي سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان اولهه جي ماڻهن کي چئون ٿا ته اسان ساڻن 20 سال وڙهيا آهيون ۽ اڃان پڻ  20 سال يا ان کان به وڌيڪ عرصي تائين آمريڪا خلاف جنگ جاري رکي سگهون ٿا.هن چيو ته اسلام جا علما  اولھھ جو مقابلو ڪندا "انھن علمائن ئي  (اولهه) جي جمهوريت کي افغانستان مان ڪڍي  ڇڏيو.”

ملان هيبت الله مئي 2016 کان افغان طالبان جو سپريم ليڊر آهي ۽ عوام ۾ تمام گهٽ ڏٺو ويندو آهي. هو هڪ ڪمانڊر کان وڌيڪ مذهبي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ ھو فتوائن ذريعي طالبان جي ڪاررواين جا جواز پيش ڪندو ھو .

ياد رهي ته گڏيل قومن ۽ سڄي دنيا طالبان تي زور ڏئي رهي آهي ته هو عورتن تي لڳل سموريون پابنديون ختم ڪن ۽ ڏوھارين کي جسماني سزا ۽  سرعام ڦاهيون نھ ڏنيون وڃن. عالمي برادري  انساني حقن جي خدشن جو حوالو ڏئي، خاص طور تي عورتن سان سخت سلوڪ جو حوالو ڏيندي افغانستان جي طالبان حڪومت کي اڃان تائين تسليم نھ ڪيو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.