علامه اقبال صحرا جي گل جي منزل تي سوال اٿاري، عقيدي جي جبر مان آجپو چاهيو ھئو، پر ڪارل مارڪس ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ واھ جي ڳالھھ ڪئي ھئي تھ تاريخ ماڻهو ٺاهيندا آهن، پر ضروري ناهي ته اها تاريخ اھڙي ئي جڙي جيئن سوچيو ويو ھو.
23 مارچ 1940ع جي قرارداد لاهور سان به تاريخ اھڙو ئي ڪجھه ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ھو ته: ”آل انڊيا مسلم ليگ جي اھا راءِ آهي ته ڪو به آئيني منصوبو هن ملڪ ۾عمل جوڳو ۽ مسلمانن لاءِ قبولڻ جوڳو نه هوندو، جيستائين اهو هيٺ ڄاڻايل اصولن تي ٺاھيو نھ ويو ھجي، يعني جغرافيائي طور تي لڳندڙ علائقن جي حدبندي انھن علائقن ۾ ڪئي وڃي. جتي مسلمانن اڪثريت آھي، جھڙوڪ ھندوستان جي اتر،اوڀر ۽ اولھھ وارا حصا ۽ انھن جي جوڙڪ اھڙين آزاد رياستن جي صورت ۾ڪئي وڃي، جنھن ۾ شامل ڪيل وحدتون خودمختيار ۽ مقتدر ھجن.ان سان گڏ، انهن يونٽن ۽ علائقن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، اقتصادي، سياسي، انتظامي سميت ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب، موثر ۽ حتمي تحفظ انهن جي صلاح مشوري سان آئين ۾ واضح طور تي پيش ڪيو وڃي“.
لاهور جي قرارداد پوءِ جيڪا قرارداد پاڪستان قرار ڏني وئي ۽ فرقيوار ورھاست جي رت جي درياھ مان
گذري ، جيڪا مملڪت خداداد بڻي بھ تھ ان کي محمد علي جناح، پاڪستان قرار ڏئي پنهنجي گهري افسوس جو اظهار ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. بنگال ۽ پنجاب جو مذھبي بنيادن تي ورهاڱو ھن جي لاءِ ڀوائتو عمل ثابت ٿيو. ھن ھندستان جي ورھاڱي جي تجويز ڪيل اعلان کان ھڪ ڏينھن اڳ رات دير سان آخري برطانوي وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن کي پنھنجي ئي ٻھ قومي ورھاڱي جي نظريي کان ھٽي ڪري پنجاب ۽ بنگال جي ورھاڱي نھ ڪرڻ تي پنھنجي ئي مذھبي ورھاڱي جي سبب قائل ڪرڻ جي آخري ڪوشش ۾ ناڪام ٿيو. بلڪه اهو چوڻ بهتر ٿيندو ته برصغير جي آزاديءَ جي وڏڙن جنھن ۾ گانڌي، جناح ۽ نهرو جي وھم ۾ بھ نھ ھو ته آزاديءَ جو صبح جو سج جي رت ۾ رڱيل شام بڻجي ويندي. مهاتما گانڌي واحد اڳواڻ هو ۽ ان سان گڏ حسين شهيد سهروردي، ڊاڪٽر ۽ باچا خان جهڙا اڳواڻ هئا، جن هندو مسلم فسادن کي روڪڻ لاءِ آخري حد تائين ڪوشش ڪئي. گانڌيءَ تھ دهليءَ ۾ فسادن کي روڪرائڻ جي لاءِ، مسلمانن جي ملڪيتن ۽ عبادتگاهن کي آجي ڪرائڻ ۽ پاڪستان جي خزاني کي خراج ڏيڻ لاءِ مرڻ برت تي ويٺو ۽ ان کان اڳ جي ھو پنجاب ۾ به ساڳيو عمل ورجائي ھا ۽ پاڪستان اچي ھا،ھو ھڪ هندو راشٽر جي فسادين هٿان ماريو ويو. پوءِ ان ئي قائداعظم (جيڪو مسلم ھندو ڀائچاري جو سفير سڏبو ھو ”ٻه قومي نظريي“ جو واحد ترجمان بڻجي ڪري مسلم اڪثريت رياست جو خالق بڻيو) ڪراچي ۾ 11هين قانون ساز اسيمبليءَ جي افتتاحي اجلاس ۾ ھن جي سيڪيولر تقرير جي صورت ۾ هن ”ٻه قومي نظريي“ تي اصرار ڪرڻ بدران ھن مذهب کي رياست ۽ سياست کان ڌار ڪرڻ جو چٽو اعلان ڪري ڇڏيو. قائداعظم چيو: ”توھان آزاد آهيو. توهان آزاد آھيو پنهنجي مندر ۾ وڃڻ لاءِ. توهان آزاد آھيو پنهنجي مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ ۽ پاڪستان جي رياست ۾ پنھنجي ڪنهن به عبادت گاهه ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان جو تعلق ڪنهن به مذهب، ذات يا نسل سان آهي. رياست جو ان سان ڪو به واسطو ناهي“ ۽ بقول خود اقبال:
معنيٰ آھي ،تون شاخ مان ڇو ڦٽين، مان شاخ مان ڇو ٽٽس؟
ليکڪ محمد وسيم (پاڪستان ۾ سياسي تڪرار) موجب: ” 1947ع ۾ پاڪستان هندستان مان نڪري ويو. پر هندستان پاڪستان مان نه نڪتو. پاڪستان ۾ پهرين وڏي تڪرار جي ابتدا پاڪستان جي ڊي انڊينائيز ڪرڻ جي لازمي ضرورت ۾ ڏسي سگهجي ٿي. … اهي نوان،ٻيا يعني ضد سان الجھندي رھڻ جو هڪ لا شعوري ۽ فطري عزم بڻجي ويو. بنيادي طور تي سرحد جي ھن پار، بلڪھ اندر پڻ (يعني مذهبي ورهاڱي کي برقرار رکندي) مذهب کي قومي سڃاڻپ جي نشان ۽ جوڙيندڙ عامل جي طور تي پاڪستان ۾ پهرين ۽ ھندستان ۾ ھڪ يا ٻن نسلن بعد مشهوري ماڻي آھي“
پر عجيب ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ اڪثريتي مسلم رياست يا اسلامي رياست (جيڪا لاهور جي قرارداد ۽ قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع جي تاريخي تقرير جي نفي آهي) جو قيام۽ هاڻ هندستان ۾ هندوتوا پريوار جي هندو راشٽرا، جي قيام جي طرف اڳيان وڌڻ کي اسان جا معذرت خوا نظريھ دان ”ٻه قومي نظريي“ جي توثيق قرار ڏين ٿا. جيڪا بدقسمتيءَ سان برصغير جي مذهبي ورهاڱي جو المناڪ انجام آهي.
ربنير سمدر (تعارف – رياستن ۽ ذهنن جي نئين سر تشڪيل ڪندڙ ورھاست ) پڇي ٿو، ته ڇا ورهاڱو هڪ ’ تعلق ٽوڙڻ‘،ھڪ لاڳاپي جو ٽٽڻ ھو ،ته جواهر لعل نهرو سوچيو ته ”ورهاڱي جي منصوبي هڪ رستو پيش ڪيو ۽ اسان ان کي اختيار ڪري ورتو“. پر، سنجي چترويدي (جيو پوليٽڪس جي زيادتيءَ : برٽش انڊيا جو ورهاڱو) سوال ڪري ٿو : ”ڇا ’مذهبي ورهاڱو‘ يا ورهاڱو تڪرار جو حل آهي يا اهو خود تڪرار جو اوسر جو بنياد آهي. ۽ بدقسمتيءَ سان 1947ع ۾ ڪيبينٽ مشن پلان جي نيم وفاقي ۽ علائقائي خودمختيار يونٽن يا وفاقن جي شاندار عملي ۽ جمهوري رٿا کان انڪار ننڊي کنڊ جي لاءِ هڪ مستقل عذاب بڻجي ڪري ھاڻوڪي۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ طوق بڻجي ويو آهي، جنهن مان آجي ٿيڻ جو پري پري تائين ڪو امڪان نظر نٿو اچي.
هندستان ۾، ورهاڱي کي هندستاني تھذيب جي "عظيم تقسيم” طور ڏٺو ويو،جنھن تي ممتاز مورخن جهڙوڪ روميلا ٿاپر، هڪ واحد قوم يا آريائي ‘نسل’ يا تهذيب (ابتدائي هندستان) جي وجود تي سواليھ نشان لڳايو آھي. هڪ خوني ورهاڱي جي باوجود، جنهن ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي قيادت ڪيبنيٽ مشن پلان مشن جي ذريعي پيش ڪيل ڊري گنجائش واري وفاقي اسڪيم کي رد ڪندي شامل ٿي.”ٻھ قومي نظريو“ جو خطرو لاڳاپيل اڪثريتي فرقيواريت جي عروج سان گڏ برصغير جي ٽنھي (اڳوڻين ) حصن کي پريشان ڪري رکيو آهي. ھڪ”فوجي رياست“ طرف پاڪستان جي ارتقا کي،جنھن جو بنياد هندستان جي طرفان ”ابدي دشمن“ جي خطري تي ھو. جيڪڏهن هندستان کي آمريڪا سان گڏ پاڪستان جي اتحاد کان خطرو محسوس ٿيو تھ پاڪستان ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿيو ۽ ان پنھنجي بقا جي لاءِ جوابي اسٽريٽيجڊڪ صف بندي جي ڪوشش ڪئي.اھو نھ ختم ٿيندڙ سلسلو اڃان تائين جاري آھي.
ايندڙ چونڊن ۾ نريندر مودي جي امڪاني ڀاري اڪثريت سان ڪاميابي بعد جيڪڏھن ھندستان آئيني طور هندو راشٽرھ بڻجڻ ڏانھن ويندو ته پاڪستان پڻ مسلم اڪثريتي رياست جي حيثيت سان هاڻي هڪ ڇانوڻي رياست بڻجي چڪو آهي،جنھن جي ھٿ ۾ ھاڻي 23 مارچ جو ٺهراءُ نه پر هڪ عظيم الشان پريڊ آهي ۽ مستقبل قرضدارن وٽ گروي آهي! واهه ڙي آزادي، تون ڪٿي گم ٿي وئين؟