پريا ڪماري جي گمشدگي وارو معاملو

تحرير: آزاد مهر

سکر جي علائقي سنگهرار مان 9 محرم الحرام تي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي مذهبي مٿڀيد کي شڪست ڏئي انسانيت جو علم کڻي سبيل هلائيندڙ هندو معصوم نينگري پرياڪماري کي 31 مهينا گذريا ويا  پر هن مهل تائين ،معصوم پريا ڪماري کي سکر پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، پرياڪماري جو خاندان جيڪو هندو مسلم مذهبن جي فرقي پرستي کي ڇڏي انسانيت پرستي ۽ ڪربلا جي شهيدن کي حقيقي شهيد سمجهي سندن محبت ۾ هر سال سکر ويجهو سنگهرار ۾ سبيل لڳائي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندو هو اتي ظالم ماڻهن 9 محرم الحرام جي ڏينهن سبيل هلائي ڪربلا جي شهيدن جي عشق ۾ نڪتل قافلن جي اڃ مٽائي انسانيت کي زنده ڪرڻ لاءِ بيٺل معصوم نياڻي پرياڪماري کي اغوا ڪيو جنهن جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.

معصوم نينگري جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ ڪراچي جو موجوده چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران نوٽيس وٺي ان وقت جي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي شارٽ وقت ۾ نينگري جي بازيابي عمل ۾ آڻڻ واري حڪم نامي باوجود سکر توڙي سنڌ پوليس معصوم جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام رهي، نينگري کي سال گذري وڃڻ باوجود ۽ ان واقعي بعد سکر ضلعي ۾ ڪيترن ئي ايس ايس پيز جي اچڻ باوجود هن وقت تائين نينگري جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سندس والد ۽ والده ذهني توازن وڃائڻ واري حد تائين پهچي ويا آهن ۽ سکر پوليس سميت سنڌ سرڪار مان آسرو لاهي سنڌ جي بزرگن جي مزارن تي رهائش اختيار ڪئي آهي جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جڏهن ته نينگري جي امڙ  سنڌ حڪومت توڙي اعلي عملدارن کي روئيندي جهوليون کڻي پنهنجي معصوم نينگري جي بازيابي لاءِ منٿون ڪرڻ تي مجبور آهي ڪيترائي ڀيرا معصوم نينگري جي والدين سان رابطو ڪري کين موقف وٺڻ جي ڪوشش دوران سندن حالت ڏسي ڪجھه پڇڻ بجاءِ پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي.

معصوم پرياڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن توڙي هندو برادري پاران مسلسل احتجاج ڪيا ويا پر انهن احتجاجن جو سنڌ پوليس توڙي حڪومت سنڌ تي ڪوبه فرق نه پيو آهي ۽ پوليس معاملي کي هڪ طرفو ڪري ڇڏيو آهي، پرياڪماري جي اغوا بابت پوليس پاران اها پڻ دعوا ڪئي وئي هئي ته هي پهريون ڪيس آهي جنهن ۾ ايتري مشڪل پيش آئي آهي. پوليس پاران نينگري جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن جنهن ۾ سڄي سنگهرار شهر جي گهر گهر تلاشي وٺڻ سان گڏ خفيه عورتن ۽ مردن جي ٽيمن کي لاهي چيڪ ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري جاچ مڪمل ڪئي آهي پر ان جي باوجود معصوم پريا ڪماري نه ملي سگهي آهي.

سنڌ سان گڏ پنجاب بلوچستان ۽ ٻين صوبن جي شهرن ۾ شڪي هنڌن تي ڇاپا هڻي جاچ ڪئي آهي پر معاملو جيئن جو تيئن آهي، پوليس موجب ڪنهن به ماڻهو جي اغوا ٿيڻ کانپوءِ ڪجھه ڏينھن اندر وارثن کي ڀنگ جي ڪال اچي ويندي آهي ته پوءِ پوليس لاءِ ان مغوي جي بازيابي لاءِ آساني سان ڪم ڪرڻو پوندو آهي پر ايترو وقت گذرڻ باوجود ڪابه ڪال نه مالڪن کي موصول ٿي آهي نه ڪنهن گروھ پوليس کان ڪنهن قسم جي ڊمانڊ ڪئي آهي.

پوليس جي اهڙي بيان کانپوءِ هڪ سوال اهو به آهي ته ان معاملي کانپوءِ تمام آيل آءِ جيز سنڌ  سکر ۾ ڪيتريون ئي ڳجھيون گڏجاڻيون ٿيون جن کي ميڊيا توڙي ٻين عام ماڻهن کان پري رکيو ويو ان گڏجاڻين جو ڪهڙو مقصد هو جو پوليس جا چيف ڪراچي کان سکر اچي ته ان کي بنا پروٽوڪول جي سکر جي ايس ايس پي آفيس توڙي ٻين آفيسن ۾ رهائي ڳجھيون ميٽنگون رکي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي تي گهري نموني غور ويچار ڪرڻ باوجود ڪو کڙتيل نه نڪري ته پوءِ ڇا سمجهجي ته معصوم نياڻي ڪنهن سياسي ۽ حڪومتي ڌر جي سياسي ور چڙهيل معاملو بڻجي ويو آهي يا اڃان ڪا ٻي اهڙي ڌر ملوث آهي جتي اسان جي سرڪار بيوس بڻيل آهي.

هاڻي وري سوشل ميڊيا تي اهي پڻ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته پريا ڪماري سنگرار شاهه جي بااثر شاهد شاهه جي حويلي ۾ قيد آهي پر ان ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي اها ته جاچ ڪرڻ سان ئي خبر پوندي، هوڏانهن وري الزام هيٺ آيل شاهد شاهه پاران صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي سڄي سنگرار کي خبر آهي ته آئون نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي آهي ۽ انشاءَ الله جلد نياڻي وارثن سان ملندي پريا جي امڙ منهنجي پڻ ماءُ ڀيڻ آهي ۽ مونکي ان جي ڏک جو اندازو آهي پر سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون صرف منهنجي خلاف پروپگنڊا آهي.

سکر جي سڄاڻ ڌرين پاران چيو ويو آهي ته  ان معاملي ۾ حقيقت ڪجهه به هجي پر انسانيت جي ناتي معصوم پريا ڪماري جيڪڏهن سياسي يا مذهبي انتقام جو نشانو بڻي آهي ۽ ان جو شهيد ڪربلا سان عشق ڪنهن ڌر کي پسند ناهي آيو ته خدا ڪارڻ انسانيت خاطر معصوم نياڻي کي آزاد ڪري پنهنجي بي حال والدين سان ملايو وڃي ۽ سنڌ پوليس توڙي سنڌ حڪومت کي ان معاملي ڳجهين گڏجاڻين بجاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جنهن سان معصوم پريا ڪماري جي بازيابي عمل ۾ اچي سگهي پوءِ ان ۾ ڪنهن بااثر سياسي ڌر جي ملوث هجڻ جي ڳالهھ هجي يا ڪنهن ملڪ دشمن توڙي مذهبي فرقا پرستي سوچ رکندڙ ماڻهو هجن سندن خلاف بي رحماڻي ڪارروائي ڪري معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي پنهنجي گهر ڀاتين سان ملايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.