آءِ ايم ايف ٻن ڏينهن اندر بچاءُ جي خرچن جا تفصيل گهريا: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) تجزئي نگارن موجب  آءِ ايم ايف ٻن ڏينهن  اندر  بچاءُ جي خرچن جا تفصيل گهريا. وفد ڳالهين دوران هر هر اڏامندڙ جيٽ جهازن تي سوال اٿاريو ته هنن جي اڏام تي ايندڙ خرچ ڪٿان ٿا آڻيو. آءِ ايم ايف وفد چيو ته کانئن ورتل قرض، اڳ ۾ وريل قرضن جي واپسي، بچاءَ ۽ اشرافيا تي خرچ ٿئي ٿو، عوام تي خرچ نه ٿو ٿئي، مالياتي اداري جنرلن جو انگ ۽ هر سپاهي تي ايندڙ خرچن جو تفصيل به گهريو. ٻن ڏينهن اندر تفصيل ڏيڻ جي شرط تي ڊوڙون لڳي ويون. آءِ ايم ايف وفد چيو ته اوهان جي حالتن کي ڏسي سندن سربراهه مطمئن نه ٿيندا. 23 مارچ پريڊ جي تياري لاءِ  هر هر اڏامندڙ جهازن جي خرچ تي به سوال اٿاريا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.