اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اقتصادي جائزي جون ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. ڳالهين بابت جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جو اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي، معاهدي کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان ايندڙ مهيني 1.1 ارب ڊالرن جي قسط ملندي، آخري قسط ملندي ئي 3 ارب ڊالرن جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ ختم ٿي ويندو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قرض پروگرام لاءِ به باقاعدي ڳالهيون ايندڙ مهيني شروع ٿينديون، جنهن لاءِ ايف بي آر خاص روينيو پلان تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جون ۾ نئين بجيٽ سان گڏ اهم ترين ٽيڪس قدم کڻڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، فنانس بل ذريعي 9 لک دڪاندارن کي فڪس ٽيڪس ۾ آڻڻ جي منصوبابندي به ڪئي وئي آهي. پهرئين مرحلي ۾ اسلام آباد ۽ چئني صوبائي تخت گاهن جي دڪاندارن کي اسڪيم ڏني ويندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي خرچن جو به نئون طريقي ڪار جوڙيو ويندو، پروگرام جا خرچ وفاق ۽ صوبا گڏجي برداشت ڪندا، موسمياتي تبديلين جي تباهي کانپوءِ بحالي جي خرچن جي به نئين حڪمت عملي تيار ٿيندي، ٻوڏ متاثر ضلعن جي نئين سر تعمير به وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪندا. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي معاهدي تحت هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جاري ڪيا ويندا .آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته نئين چونڊيل حڪومت معاشي هدف پورا ڪندي، پرائمري بيلنس 401 ارب رپين تائين رهندو، اميد آهي ته پرائمري بيلنس معيشت جو ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو رهندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نئين چونڊيل حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، نئين چونڊيل حڪومت بجلي ۽ گئس جي قيمت بروقت ايڊجسٽ ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي. آءِ ايم ايف موجب نئين چونڊيل حڪومت غريب طبقن کي بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ ۾ تحفظ ڏيندي، نئين چونڊيل حڪومت بجلي ۽ گئس جي بلن جون اوڳاڙيون بهتر بڻائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.