بدامني سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش آهي، ڇا ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا آهن؟

حيدرآباد(رپورٽر) قومپرستن ۽ ترقي پسندن، سنڌ ۾ امن امان جي صورتح ال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ھٿ وٺي ڌاڙيلن جي ھٿان سنڌ جي امن امان جي صورتحال خراب ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن کي کلي ڇوٽ ڏيڻ ۽ قانون جي رٽ  قائم  نه ھجڻ سان ڪيترائي سوال اٿن ٿا، اُتر سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش ٿي رھي آھي، امن امان جي نالي تي عوام جي ٽيڪسن مان گڏ ڪيل اربين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، پر سنڌ جي ڪنھن به ماڻھو کي جاني ۽ مالي تحفظ حاصل ناھي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالھائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، اُتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ھجڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته اُتر سنڌ وارن علائقن خاص طور تي گھوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻين علائقن کي ڄاڻي واڻي لاقانونيت جي حوالي ڪيو ويو آھي، سنڌ جي ڪنھن به ماڻھو کي جاني ۽ مالي تحفظ ناھي، سنڌ ۾ چونڊيل حڪومت، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موجود آھن، جن تي سنڌ جي ماڻھن جي ٽيڪس جا اربين روپيا خرچ ٿين ٿا، پر ان جي باوجود اسان جا ماڻھو ننڌڻڪا بڻجي چند ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آھن ۽ قانون جي رٽ قائم نٿي ڪئي وڃي، ڌاڙيل راڄ کي ھٿي وٺرائڻ جي پٺيان زمينن تي قبضي واري سازش به آھي. ھن چيو ته ھٿ وٺي ڌاڙيلن کي زندھ رکيو ويو آھي، ڇا رياست کان 3 يا 4 سئو ڌاڙيل به ڏاڍا آھن؟، ڌاڙيلن جي سرپرستي ھتان جا سردار ۽ وڏيرا ڪن ٿا، عام ماڻھن کان ويندي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري ماريو پيو وڃي،ِ جلد ئي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ سرڪار جي ذميواري آهي، سرڪار پوليس جي مدد سان ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪري سگهي ٿي، ھن چيو ته سنڌ مان بدامني جو خاتمو آڻڻ جي لاءِ حڪومت کي نمائشي اندازن بدران سنجيدگي جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ڪاررواين ۾ وڏيرا ۽ سردار ملوث آھن، آمرن جي سرڪار ھجي يا نام نھاد جمھوري حڪومتون اھي وڏيرا ۽ سردار شامل ھوندا آھن، رڳو انھن کي پڪڙيو وڃي ته امن امان قائم ٿي ويندو. ھن چيو ته پوليس ۽ سويلين ادارن تي سختي سان دٻاءُ وڌو وڃي اھي امن امان جي صورتحال کي بھتر ڪن، پوليس اھو ڪم ڪري سگھي ٿي، ماڻھن جو ھي خدشو درست آھي ته اتر سنڌ جون زمينون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڌاڙيل راڄ کي ھٿي ڏني پئي وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو تھ سنڌ اندر بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ ۾ رياست ۽ سماج جا رجعتي حلقا ملوث آھن، ڌاڙيلن ۾ ساھ وجھڻ وارا حڪمران طبقا آھن، ڪنھن حد تائين پوليس به ملوث ھوندي، پر حقيقت اھا آھي ته پوليس وٽ به اھڙا ھٿيار ناھن، جيڪي ھٿيار ڌاڙيل کڻي گھمن ٿا. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو آزار پيدا ڪرڻ جو ھڪڙو مقصد اتر سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ آھي، جيئن ترقي جي نالي تي زمينون بحريا ٽائون ذريعي قبضو ڪيون ويون آھن، ٻيو مقصد اھو بھ آھي تھ سنڌ جي سياسي جدوجھد کي ڪمزور ڪرڻ يا وري ان کي ٻئي رخ ڏانھن وٺي وڃجي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح چيو ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي مضبوطي ۽ حڪومت جي رٽ نھ ھجڻ مان لڳي رھيو آھي تھ نگران حڪومت دوران ترقي ۽ خوشحالي جي نالي تي صوبن جي زمينن تي قبضي جي لاءِ ٺاھيل پلان تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ مستقل بنيادن تي امن امان قائم ڪرڻ ۽ دھشتگردي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ سنڌي ڳالھائيندڙن تي مشتمل پيرا ملٽري فورس جوڙي وڃي. ڪجھ  وقت اڳ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اھو بيان ڏئي چڪو آھي تھ نيٽو جا ھٿيار ڪچي مان نڪرن ٿا، ھاڻ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تھ اھي ھٿيار ڪچي تائين پھچن ڪيئن ٿا.

  1. ڌاڙيلن جي اوٽ ۾ سنڌ خلاف سازش  تيار  ٿي رهي آهي؟ سوشل ميڊيا

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ جي ماڻھن، ڌاڙيل راڄ کي سنڌ جي خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آھي تھ ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏيڻ مان ثابت ٿي رھيو آھي تھ ڌاڙيل راڄ قائم ڪرڻ جو ڪو خاص مقصد آھي، جيستائين مقصد پورو نھ  ٿيندو حالتون اهڙيون ئي رهڻ جو امڪان آهي، ڇا ھي سردارن ۽ ڀوتارن جي سھولتڪاري سان ڌاڙيلن وارو سڄو ڊرامو سنڌ کي سوڙھو ڪرڻ جي سازش آھي؟، توهان سنڌ کي ڪيڏو بھ سوڙھو ڪيو، پر سنڌ اٿندي ۽ وڙھندي، سنڌ سازشن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي، ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ڪا بھ سازش قبول نھ ڪئي ويندي. سوشل ميڊيا تي وڏي تعداد ۾ ماڻھن سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي سببن، ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڏيڻ ۽ بيگناھھ ماڻھن جي قتلام خلاف آواز اٿاريو آھي، سوشل ميڊيا صارفن ڌاڙيلن جون جديد ھٿيارن سان وڊيوز ۽ تصويرون رکي اھو سوال پئي ڪيو تھ ھن قسم جا جديد ھٿيار تھ پوليس وٽ بھ ناھن، ھي ھٿيار ڪير ۽ ڪٿان ٿو آڻي اچي ڌاڙيلن کي ڏئي. امر سنڌو ڌاڙيلن جا هٿيارن سان گڏ فوٽو شيئر ڪندي لکيو تھ سوال اھو آھي ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ ھي ھٿيار جيڪي پوليس وٽ بھ ناھن، سي ڪٿان ٿا اچن، جڏھن تھ صوبي توڙي ملڪي سرحدن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موجود آھن، سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، سنڌ حڪومت کان ھڪ سوال اھو بھ پڇڻ کپي. الطاف خاصخيلي لکيو تھ ڪچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪندڙن کان سوال آهي تھ ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار موجود آهن اهي ڪا خاص فورس ئي استعمال ڪندي آھي، ته پوءِ ھي هٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪيئن پھتا؟. طالب رند لکيو تھ ‏سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آھي، ھن ھي شاعري بھ لکي تھ نااهل اسان جو مالهي آ، گلشن ۽ گلن جو ڇاٿيندو؟، آفتاب علي لکيو تھ سنڌ ۾ لاقانونيت عروج تي آهي، ڪچي، پڪي جا ڌاڙيل راڄ ٿا ڪن، هائي ڙي سِنڌ تُنهنجا نصيب. طارق گبول هٿياربندن جي گهيري ۾ آيل هڪ موٽرسائيڪل سوار جي تصوير شيئر ڪندي لکيو تھ سنڌ ڌرتي سان ھي حالت آهي،ڌاڙيل راڄ کي ھٿي وٺرائي پئي وڃي. نعيم الله ڀيو لکيو تھ سنڌ اندر ڌاڙيل راڄ، رڳو چئن ضلعن ۾ 40 کان وڌيڪ مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، پوليس انھن علائقن ۾ وڃڻ بجاءِ جعلي آپريشن جو ڍونگ رچائي فوٽو سيشن تائين محدود آهي. ذوالفقار علي چانڊئي لکيو تھ ٿي سگھي ٿو تھ ھٿيارن جي ڳجھن واپارين لاءِ ڳرا ھٿيار وڪرو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ضروري ھجي، تڏھن تھ ملائڪ بھ خاموش آهن. عبدالوهاب ملڪ لکيو تھ گهوٽڪي ضلعو سڄي ملڪ ۾ بدنام ٿي چڪو آهي، امن امان جي حوالي سان اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ شروع ڪرائي ڪو خاص مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيستائين مقصد پورو نه ٿيندو حالتون اهڙيون ئي رهڻ جو امڪان آهي. ڪاشف چانڊئي لکيو تھ ڌاڙيل راڄ پيدا ڪري توهان سنڌ کي ڪيڏو بھ سوڙھو ڪيو، پر سنڌ اٿندي ۽ وڙھندي، سنڌ سازشن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي. محمد عالم ڪيريو لکيو تھ سنڌ جي سرزمين تي قبضي لاءِ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو پيو وڃي ۽ دلالي اپر ڪلاس پيو ڪري. محمد حسن ٻٻر ڌاڙيلن جون جديد هٿيارن سان تصويرون شيئر ڪندي لکيو تھ هي ڪشمور سنڌ جا ڪچي جا ڌاڙيل راڪيٽ هلائڻ جي سري عام مشق ڪندي، نھ ڪنهن سگهاري فورس کي خبر پئي نھ پوليس کي ڪا ڄاڻ، هي ڌماڪا ڪيترائي ڪلوميٽر پري تائين ٻڌا وڃن ٿا، پر قانون جي ڪنن ڪون ٻڌا، يا ٻڌو تھ اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ڇو ته ڌاڙيل ڪلچر بھ هڪ فصل وانگر سماجي ضرورت آهي، ساڻ هڪ واپار آهي، هڪ الڳ ننڍڙي دنيا آهي، جتي هٿيارن جو واپار ٿئي ٿو،ڀنگ جي لاءِ اغوا ٿين ٿا, ڪيئي ملازم رکوالا ٿين ٿا، سرڪاري ادارا ڇا پيا ڪن، ڇا هي دليل پڪو آهي تھ ادارن جي سرپرستي هيٺ سڀ ڪجهھ ٿئي پيو. ذوالفقار سومري لکيو تھ آخر ڪهڙا سبب آهن تھ ڌاڙيلن هٿان رڳو عام ماڻهو ٿا مارجن، ڪڏهن ڪو سردار ۽ ڀوتار ڌاڙيلن وٽ ناهي ڦاٿو. بختاور ملاح لکيو ته سسٽم! اوھان پنھنجي موبائيل تان ھڪڙي ملڪ خلاف ڪال ڪيو ويگو در تي ھوندي، ڌاڙيل صبح شام مغوين جي گھر ڪال ڪن پيا، پر رياست کي خبر ئي ناھي تھ ڪال ڌاڙيلن جي ڪٿان اچي ٿي. نثار لغاري هڪ ڌاڙيل جو وڊيو بيان شيئر ڪندي لکيو تھ هي ڌاڙيل ڏسو ڪهڙي ريت ديدا دليري سان سڀ حقيقتون بيان پيو ڪري، ڪو ادارو آھي جيڪو کيس پٽو وجهي. ايڊووڪيٽ گدا حسين سيال ڌاڙيلن جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو تھ پوليس کي ڌاڙيلن جو خوف آھي يا پوليس وارا ياري پيا ملھائين جو ڌاڙيل ڪچي مان نڪري روڊن تي ماڻھو اغوا ڪري ۽ زخمي ڪري مزي سان ڪچي طرف ھليا وڃن ٿا. خدا ڏنو شاهھ لکيو تھ سردارن ۽ وڏيرن کي رسو وجهو، پاڻ ئي ڌاڙيل ختم ٿي ويندا. شازيھ ٽالپر لکيو تھ سنڌ ۾ ڌاڙيل وڏيرن ۽ سردارن جي معرفت رھيل آھن، جيڪڏھن اھي وڏيرا ۽ سردار چاھين تھ 24 ڪلاڪن ۾ وڏا وڏا ڌاڙيل گرفتار ٿي سگھن ٿا، پر هو ائين ڪندا ڪون.

  1. شهيد اُستاد جا قاتل گرفتار ڪري سنڌ مان بدامني جو خاتمو ڪيو وڃي:صنعان قريشي 

ڪنڌ ڪوٽ/ تنگواڻي (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي اڳواڻن مومن سمون،ديدار شام سان گڏ شهيد اُستاد ﷲ رکيو نندواڻي جي ڳوٺ پهچي ويو، سندس وارثن سان هڪ ڇپري هيٺ تعزيت ڪئي، جڏهن ته شهيد اُستاد جي معصوم پٽ سان شفقت جو اظهار ڪيو، ان موقعي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سرڪار ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ڪير به محفوظ ناهي، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به عدم تحفظ جو شڪار آهن، جيڪا هڪ سنگين صورتحال آهي! هن چيو ته شهيد اُستاد ﷲ رکيو نندواڻي جا قاتل بنا دير گرفتار ڪيا وڃن ۽ سندس معصوم پٽ جي تعليم ۽ تربيت، صحيت، سميت سڀني زندگي جي ضرورتن جو سنڌ سرڪار کي بندوبست ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي،

سنڌ مان بدامني جو خاتمو بڻائڻ لاءِ سرڪار کي نمائشي انداز اپنائڻ بدران سنجيدگي سان اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جڏهن جسقم چيئرمين صنعان  خان قريشي اُستاد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٿيندڙ هر احتجاج جي حمايت ڪندي، جسقم ڪارڪن کي  پابند ڪيو ته اُستاد جي قاتل جي گرفتاري لاءِ اثرائتي جدوجهد ڪئي وڃي، ٻئي پاسي جسقم قيادت جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته اڄ 21 مارچ شهيدن جو ڏهاڙو آهي شام جو 6 وڳي شهيد مقصود خان قريشي ۽ شهيد نوجوان سلمان وڌو جي شهادت جو ڏهاڙو رتوديرو ۾ ملهايو ويندو.

  1. دهشتگردي خلاف واعدا ڪندڙ پ پ قيادت سنڌ مان ڌاڙيل ڇو نٿي ختم ڪري؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ڌاڙيلن جي سرپرستي وڏيرا ۽ پوليس ڪن پيا،پوليس جون مقرريون بدليون ڳري رشوت عيوض ٿين پيون ،  تنهن ڪري پوليس منٿليون حاصل ڪرڻ ۾ پوري آھي،سينئر صحافي عمر پنهنجي وي لاگ ۾  سوال ڪيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ملڪ مان دھشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ ته وعدا ڪن پيا پر پنهنجي علائقي ۽ ماڻھن کي ڌاڙيلن جي لعنت مان جان نه پيا ڇڏائين؟ هن چيو ته هي ڪهڙي قسم جا عوامي نمائندا آھن جن کي عوام وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏين پيا  پر هي انهن ماڻھن جون زندگيون  مال ۽ عزتون به محفوظ نه پيا ڪرائي سگهن؟ سڀ کان پهرين صدر زرداري ۽ بلاول ڀٽو  کي گهرجي ته سنڌ مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرائين پوءِ ٻيا مسئلا ڏسن،هن چيو ته سنڌ جا صحافي مون کي ٻڌائين ٿا ته پوليس ۽ وڏيرا ڌاڙيلن سان مليل آهن،ايس ايس پي ريٽ لڳائي پوسٽون وٺن ٿا، ايراني تيل ۽ انڊين گٽڪي جي اسمگلنگ ٿئي ٿي ، پوليس آفيسرن کي ڌاڙيلن جي ڪا به ڳڻتي ناهي، وڏيرا اغوا نٿا ٿين، رڳو غريب ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، سنڌ جا ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن، آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته نگران دور ۾ ڌاڙيلن تي وڏي حد تائين ضابطو آندو ويو پر اليڪشن ۾ ڊيوٽيون لڳڻ ڪري چوڪيون خالي ٿي ويون هيون،

  1. آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير اتحادي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي: ضياءُ لنجار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير اتحادي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. پنهنجي  بيان ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال هن وقت ابتر آهي، صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ فوري طور انتظامي فيصلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير اتحادي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، آءِ جي سنڌ پوليس لاءِ نالا 4 مارچ تي موڪليا هئا، 20هين تاريخ ٿي وئي پر وفاقي حڪومت آءِ جي کي مقرر نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته غير ضروري دير سان امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچي رهيو آهي.

  1. ڪراچي ۾ آزاد ڪرايل 5 ڇوڪريون وارثن حوالي، جوابدار آزاد

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ گذريل ڏينهن ناظم آباد مان آزاد ڪرايل 5 ڇوڪرين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جن جو 164جو بيان قلم بند ڪيو ويو ، بيان ۾ پنج ئي ڇوڪرين  چيو ته اسان کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، اسان گهر ۾ تشدد سبب گهر ڇڏي ويا هئاسين، اسان گهر واپس وڃڻ چاهيون ٿيون، ڇوڪرين جي بيان کانپوءِ عدالت گرفتار جوابدارن ممتاز علي ۽ محمد راشد کي ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن  ته ڇوڪرين کي گهروارن جي حوالي ڪيو ويو، ڇوڪريون ڪجهه ڏينهن اڳ سعيد آباد مان گم ٿي ويون هيون،

پوليس انهن کي هٿ ڪري ورتو هو، گرفتار نوجوانن جو چوڻ هو ته اسان فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا هئاسين ڇوڪريون گڏ ڪم ڪنديون هيون هنن ڪرائي جو گهر وٺي رهڻ شروع ڪيو هو.

  1. استاد الله رکيو نندواڻي جو قتل ڪيس داخل، ڳوٺ ۾ سوڳ، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، مقتول استاد جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪرمپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ پنج سڃاتل ۽ ٻن نامعلوم  جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ نصرالله، ظفرالله،  پيارو، صدام ۽ عبدالڪريم نندواڻي کي نامزد ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدارن جو پتو نه پئجي سگهيو،ڪرمپور پوليس ٿاڻي جمال جي حد ۾ ھڪ ھفتو اڳ بندوق سان وڊيو ڀري وائرل  ڪندڙ پرائمري استاد شهيد الله رکيو نندواڻي کي ھٿياربند قتل ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا جنهن واقعي تي ڳوٺ کنڊو خان نندواڻي ۾ سوڳ جو ماحول بڻيل آهي، پوليس اڃا تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي، پ ٽ الف جي سڏ تي ضلعي اندر ٽي ڏينهن جو سوڳ ڪنڌڪوٽ ۾ اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪري مک پرائمري اسڪول کان سوين استادن ۽ ٻارن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪندي ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب آڏو پھتا جتي استاد اڳواڻن ممتاز علي چاچڙ، صدر الدين مرھيٽو، عبدالقادر عارباڻي، منظور ملڪ، انور عارباڻي، قدير احمد، نجم الدين بنگوار، عطاءُ الله شر ۽ ٻين چيو ته بدامني عروج تي آهي ھر طرف خوف جو ماحول آهي، سنڌ ۾ جهالت وڌي وئي آهي، بيگناهه ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، استاد جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي، ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي، جڏهن ته لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻھراڙي جي استادن قتل ٿيل استاد الله رکيو نندواڻي ۽ ٻين استادن جي قتل واري واقعي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، استاد اڳواڻن غلام حسين لغاري، اقبال خان زئي، نصير نوناري، انور شيخ، فرمان علي ۽ عمران علي خطاب ڪيو، اوڏيرولال ۾ استادن ۽ شاگردن پاران پرائمري استاد الله رکيو نندواڻي جي قتل، سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت ۽ استادن جي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف ھاءِ اسڪول اڏيرولال وليج کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن اعجاز شاهه، محمد علي شاھ، سيد سڪندر علي شاھ، شبير خاصخيلي، سائين بخش ھڪڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي شعور تي مسلسل حملا ٿي رهيا آهن، هڪ مهيني دوران 5 استادن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل تعليم دشمني تي ٻڌل آهي، لکي غلام شاهه ۾ چڪ شهري اتحاد جي سڏ تي چڪ شهر ۾ امن ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن استادن شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڪنڌڪوٽ سکر روڊ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد شهيد جان محمد مهر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن اتان ريلي ڪڍي چڪ ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن غلام قادر مهر عبدالمجيد سومرو فقير احسان الله ڀيو آزاد بخاري عبدالباسط انصاري مولوي سعود ڀيو انور سومرو  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته صرف امن کپي امن کپي سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر بند ڪيو روڊ رستا محفوظ بڻايو تحفظ ڏيو سڀ مغوي آزاد ڪرايو جا مطالبا ڪيا ويا، بڊاڻي شاھ لطيف پبلڪ اسڪول استادن ۽ شاگرد پاران شھيد استاد الله رکيو نندواڻي جي بيگناھ قتل خلاف استاد حضوربخش جکراڻي، اداس علي حسن چاچڙ توڙي شاگردن طرفان احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته استاد الله رکيو جو قتل علم ۽ شعور جو قتل آھي ڪجهھ مھينن کان ڪشمور ضلعي ۾ خاص ڪري استادن کي ٽارگيٽ تحت قتل ڪري اسان کان تعليم کسي پئي وڃي، اسان جي ضلعي ۾ پھريان به ھزارين اسڪول اڄ تائين ويران پيا آھن قبائلي جھڙن جي ڪري ھاڻ وڌيڪ خوف پکيڙي استاد ۽ شاگردن کي تعليم کان محروم رکيو پيو وڃي.

  1. حڪمران طبقي ڌاڙيلن کي سنڌ تباهه ڪرڻ لاءِ مڙهيو آهي: رياض چانڊيو

ٽنڊو الهيار (رپورٽ : حسرت لغاري ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آھي جيڪو حڪمران طبقي پنھنجي سرپرستي ۾ سنڌ کي تباھ ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو آھي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ اغوائن، ڦرن سميت عام ماڻھن کي قتل ڪرڻ جي فيڪٽري قائم ڪري ڇڏي وئي آھي، سنڌ ۾ پوليس سميت قانون نافذ ڪندڙ ادارا ته موجود آھن پر امن جو نالو نشان ناھي، ٽنڊوالھيار پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ھن وڌيڪ چيو ته اربين رپيا سرڪاري ادارن تي خرچ ٿين ٿا پر امن تباھ آھي، سنڌ جي ڪوئلي، گئس، تيل ۽ سمنڊ جي آمدني ذريعي اربين رپيا مرڪز کي ملن ٿا پر ھتي امن ناھي،  الله رکيو نندواڻي، اجمل ساوند ۽ ھدايت لوھار جھڙن انسان دوست ماڻھن کي رستي ويندي قتل ڪيو وڃي ٿو پر داد رسي نه ٿي ٿئي. حڪومتي فورسز طالبان خلاف ته ڪاروائي ڪن ٿا پر سنڌ ۾ ڌاڙيلن، ھٿيار فراھم ڪندڙن، اغوا ڪارن ۽ منشيات فروشن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي، سنڌ ۾ ڌاڙيل ماڻھن کي اغوا ڪرڻ بعد ڀنگ وٺڻ لاءِ ھاف فراءِ ۽ قتل ڪري انھن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي رکي حڪومت کي غيرت ڏياري رھيا آھن پر انھن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ٿئي،

پر اسين جيڪڏھن پر امن احتجاج به ڪريون ٿا ته اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا.

  1. رياست جي اندر ڪيتريون رياستون بڻجي ويون آهن:سراج الحق

لاھور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نوجوانن پئسي جي بنياد تي سياست ڪرڻ وارن خاندانن مان جان نه ڇڏائي ته آئنده سئو سال ۾ به بهتري نه ايندي. اسٽيبلشمينٽ جو سياست مان ڪردار ختم  ٿيڻ گهرجي، جاگيردارن ۽ ڪرپٽ سرمائيدارن به سياست ۽ جمهوريت کي يرغمال بڻائي ورتو آهي،رياست جي اندر ڪيتريون رياستون بڻجي ويون آهن. حڪمران نا اهل حڪومت جعلي آهي پوري قوم کي ننگر خانو ۽ فقير خانو بڻائي اٽي ۽ راشن جي لاءِ قطارن ۾ بيهاريو ويو آهي اهڙن خيالن جو اظهار سپيريئير يونيورسٽي لاهور جي فضل محمد آڊيٽوريم ۾ ملڪ کي درپيش بحران ۽ يونيورسٽي استودنس جي ذميداريان جي موضوع تي سيمينار کي بطور مهمان خصوصي خطاب ڪندي ڪيو.

  1. ڪنڌڪوٽ ۾ چوري جي ڪوشش دوران فائرنگ ۾ چور مارجي ويو

ڪنڌڪوٽ/ تنگواڻي (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ گذريل رات جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب بجاراڻي ۾ چور  قمر چولياڻي جي  گهر ۾ گهڙي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا سڃاڳ ٿي پيا جنھن بعد چورن ۽  ڀاڳين وچ ۾  فائرنگ ٿي پئي، ڀاڳين جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب چور  محمد شريف بنگلاڻي ٿڏي ٿي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ چور جي زخمي ٿيڻ جا پڻ  اطلاع مليا، اهڙو اطلاع گهر ڌڻين جمال پوليس کي ڏنو  ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل چور جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ڪرمپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو چوري تان پيش آيو، مارجي ويل چور اشتهاري ڏوهاري حسو بنگلاڻي جو ويجهو مائٽ آهي،

فرار ٿي ويل چورن جي گرفتاري لاءِ پوليس جا مختلف ڳوٺن تي ڇاپا جاري آهن جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو،  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي.

  1. ڪراچي: گٽر ۾ ٻارڙي جي موت ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر گلشن اقبال جي علائقي ۾ 6 سالن جي ايهان جي گٽر ۾ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران 10 مهينن کانپوءِ ڪيس داخل ٿيڻ تي سموري واٽر اينڊ سيوريج  جي انتظاميا عدالت پهچي وئي، ڪيس ۾ واٽر اينڊ سيوريج جي ايڪسيئن وقاراحمد ۽ انجئينر اعجاز زيدي نامزدد ٿيل هئا، جوابدارن گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت 5 5 لک جي عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جوابدارن جو چوڻ هو ته ڪيس اسان کي بيلڪ ميل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيو وي،و، ڪيس 10 مهينن کانپوءِ 6 ورهين جي ايهان جي گٽر ۾ ڪرڻ جو ان جي والد عاطف جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.