معيشت وينٽيليٽر تي،آءِ ايم ايف پروگرام سان مهانگائي وڌندي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي معاشي حالت انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي، ان جي صورتحال اهڙي مريض جهڙي ٿي وئي آهي، جنهن جي آڪسيجن ليول 90 سيڪڙو کان به گهٽجي وئي آهي ۽ ان جا مختلف عضوا مفلوج ٿيڻ وارا آهن. اهڙو ڇڙڪائيندڙ تجزيو وي لاگر طاهر هندسه ڪيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي مملڪتي وزير اشفاق تولا به ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سڀ کان وڏو مسئلو  ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو آهي. هن چيو ته 2 سالن کان اهو خسارو وڌيو آهي، جنهن کان مون ان وقت جي ناڻي واري وزير شوڪت ترين کي خبردار ڪيو هو پر هن چيو ته ان تي ڪنٽرول ٿي ويندو، پر اهو گهٽجي نه سگهيو، اهو وڌندو ٿو رهي، جنهن جي ڪري معيشت ويهندي پئي وڃي. ان لاءِ آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط مڃڻا ٿا پون. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ سبب مهانگائي وڌي آهي. هن چيو ته پاڪستان زراعت ۽ آءِ ٽي ذريعي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. ان تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڊالر جو ريٽ 235 کان 250 رپيا هجڻ گهرجي، اهو ئي ڊالر جو اصل ريٽ آهي. اشفاق تولا چيو ته مهانگائي جي شرح وڌيڪ آهي، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجورو 50 هزار رپيا ڪيو وڃي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو ٻيڻو ڪيو وڃي. هن تجويز ڏني ته وياج جي شرح 17 سيڪڙو مقرر ڪئي وڃي،معيشت جي بهتري لاءِ ٽيڪس سڌارا آندا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.