سنڌ ۾ هاري ڪارڊ جو اعلان، معذورن جي اداري لاءِ 5 ملين گرانٽ منظور

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي ٻارڻ (فيول انڊيڪسيشن) لاءِ 521 ملين رپيا ۽ جي ايس اڪيڊمي فار دي ڊيف  لاءِ 5.027 ملين رپيا گرانٽ جي منظوري ڏني ۽ هارين جي مدد لاءِ هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر شاهه، سردار شاهه، ذوالفقار شاهه، ڄام خان شورو، علي حسن زرداري، ضياءُ الحسن لنجار، صلاحڪارن ۾ بابل خان ڀيو، احسان مزاري، نجمي عالم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مگڻيجو، فنانس سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ انٽر ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس جي فراهمي، آپريشن ۽ سار سنڀال جو منصوبو آڪٽوبر 2021ع ۾ نيشنل ريڊيو ٽرانزٽ اٿارٽي (اين آر ڊي سي) کي 12 سالن لاءِ يعني 2033ع تائين حوالي ڪيو ويو.

 

NRTC بسن جي خريداري، آپريشن ۽ سار سنڀال ۽ ڊپو ۽ بس اسٽيشنن جي تعمير ۽ اپ گريڊ جي ذميوار هوندي. سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحٰه فاروقي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جي ايس اڪيڊمي ٻڌڻ کان محروم شاگردن کي پرائمري کان پوسٽ گريجوئيٽ تعليم مڪمل طور تي مفت فراهم ڪري ٿي. ڪورسز/ٽريننگ سائنسي ٻولي، آڊيميٽري، ڪمپيوٽر اسڪلز ٽريننگ، ميوزڪ ڪلاس، آرٽس ڪلاس، فزيڪل هيلٿ ڪيئر، دماغي صحت جي بحالي، ووڪيشنل، فزيڪل ايجوڪيشن سرگرميون، سماجي مهارتون، ٻڌڻ کان معذور شاگردن جي چونڊ ڊراپ آف سهولت، صلاح مشورا ۽ رهنمائي، لائبريري رسائي جون خدمتون مهيا ڪيون وينديون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت جي مختلف پروگرامن مان فائدو حاصل ڪندڙ هارين کي هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته ان جو مقصد شفاف ۽ موثر عملدرآمد لاءِ وصول ڪندڙن جي معلومات کي بهتر بڻائڻ آهي. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم ٺاهيندي مستحق هارين لاءِ اسڪيمن جي مناسب رقم مختص ڪئي ويندي. ٻين هارين تائين پيغام پهچائڻ ۾ آساني ۽ مرڪزي ڊيٽابيس ٺاهي ويندي.

هن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ قدرتي آفتن جي صورت ۾ هاري ڪارڊ هولڊرن کي ترجيح ڏني ويندي. 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هاري ۽ پاڻ پوکيندڙ هاري کي ڪارڊ لاءِ اهل بڻايو ويندو جنهن لاءِ سروي ۽ رجسٽريشن جو ڪم هڪ هفتي اندر شروع ڪيو ويندو ته جيئن 6 مهينن اندر ڪارڊ جاري ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.