واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي پاڪستان ۾ چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي آمريڪي سفير کي جيل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن جي ذيلي ڪميٽي وچ اوڀر، اتر آفريڪا ۽ وچ ايشيا ۾ پاڪستان ۾ چونڊن بابت معاملن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو عام چونڊن، پاڪستان ۾ جمهوريت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊونلڊ لو چيو ته سائفر ذريعي آمريڪي سازش جو عمران خان جو الزام سراسر ڪوڙو آهي، خود پاڪستاني سفير اسد مجيد به سائفر جو الزام ڪوڙو قرار ڏئي چڪو آهي، هن چيو ته اها ڳالهه درست ناهي، ڪنهن به موقعي تي آمريڪي حڪومت يا مون ذاتي طور تي عمران خان خلاف ڪو ايڪشن ناهي ورتو،پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا آمريڪي سيڪريٽري جواب ڏئي رهيو هو ته ٻڌڻي دوران هڪ شخص مٿس رڙ ڪئي ۽ کيس جارحاڻي انداز ۾ ڪوڙو چيو ۽ ”آزاد عمران خان“ جا نعرا هنيا.ڊونلڊ لو وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم جي جمهوري اصولن ذريعي پنهنجو ليڊر چونڊڻ جو اصول آهي،جيئن ئي هن ڳالهائڻ ختم ڪيو، ايوان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گوڙ شروع ٿي ويو ۽ ڪجهه موجود ماڻهن ڊونلڊ لو جي خلاف ٻيهر ”ڪوڙو، ڪوڙو“ نعرو هنيو.هن چيو ته چونڊن کان اڳ ٿيندڙ بدامني ۽ تشدد تي اسان کي خاص طور تي ڳڻتي آهي.هن سياسي پارٽين جي حمايتين طرفان صحافين خاص ڪري عورت صحافين سان ٿيندڙ زيادتين ۽ بدسلوڪي جو به ذڪر ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته ڪجهه اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي رجسٽريشن نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي چونڊ نقصان برداشت ڪرڻو پيو.ڊونلڊ لو چيو ته اليڪشن مانيٽر ڪندڙن پولنگ واري ڏينهن ٻڌايو ته انهن کي سڄي ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ تڪن ۾ ووٽ ٽيبل ڏسڻ کان روڪيو ويو.هن چيو ته پاڪستان جي پارٽنر جي حيثيت سان اسان مطالبو ڪيو آهي ته ان عمل کي شفاف طريقي سان ڪرايو وڃي ۽ بي ضابطگين جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي چونڊن ۾ بي ضابطگين بابت هزارين درخواستون مليون آهن، جنهن تي هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. جنهن بعد انهن جي جاچ ڪئي ويندي.ڊونلڊ لو چيو ته آمريڪا ان عمل جي تمام ويجهن نگراني ڪندو ۽ عمل ۾ شفافيت جي حوصلا افزائي ڪندو.ريپبلڪن شيرمين ڊونلڊ لو کي هدايت ڪئي ته هو جيل ۾ آمريڪي سفير عمران خان سان ملاقات ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته هو جيئرو هجي ته جيئن هو ٻڌائي سگهي ته ڪيئن کيس غلط طريقي سان نشانو بڻائي جيل ۾ وڌو ويو.آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين جو ولسن ڊونلڊ لو کان پاڪستاني سياست ۾ فوج جي مداخلت بابت سوال ڪيو.ان تي ڊونلڊ لو چيو ته پاڪستاني فوج دنيا جي ڇهين وڏي فوج آهي ۽ اها مسلمان اڪثريتي ملڪ جي سڀ کان وڏي فوج آهي جنهن جا آمريڪي فوج سان به سٺا لاڳاپا آهن. "اسان جا جنرل ۽ انهن جا جنرل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏ تربيت ڪري رهيا آهن.”ڊونلڊ لو موجب فوج پاڪستان جو هڪ اهم ادارو آهي، پر آمريڪا جون اڳوڻيون حڪومتون ۽ هي حڪومت آئيني اصول جو احترام ڪري ٿي ته فوج کي سويلين ڪنٽرول هيٺ رهڻ گهرجي ۽ فوج ڪمانڊر ان چيف يعني صدر کي جوابده هجڻ گهرجي،ڊونلڊ لو چيو ته آمريڪي جائزي ۾ پاڪستان جي چونڊن ۾ ڪيتريون ئي بي ضابطگيون سامهون آيون آهن، جاچ جي نگراني ڪنداسين.جو ولسن سوال ڪيو ته ڇا آمريڪا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي روس جي دوري کانپوءِ اقتدار تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو،ڊونلڊ لو چيو ته اسان ائين نه ڪيو، آمريڪا 9 مئي کان تحريڪ انصاف سميت مخالف ڌر جي اڳواڻن جي وڏي پيماني تي گرفتارين ۽ سندن خلاف فوجي عدالتن ۾ هلندڙ ڪارروائي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.شرمين پڇيو ته سوين آمريڪي شهري پاڪستان ۾ اي سي ايل تي آهن، پاڪستاني جنرل آمريڪا اچي وڃي سگهن ٿا پر اهي ماڻهو پاڪستان ۾ ڦاٿل آهن، ڊونلڊ لو چيو ته اسان روزانو پاڪستان ۾ آمريڪي شهرين لاءِ ڪجهه ڪندا رهندا آهيون، افغانستان بابت سوال تي هن چيو ته بائيڊن انتظاميا افغان طالبان سان پاڪستان جي تعلق کي شڪ جي نظر سان ڏسي ٿي، پاڪستان ۽ طالبان جو تعلق ائين ئي آهي جيئن آءِ ايس آءِ ۽ طالبان جو، اسان ان تي پاڪستان سان ڳالهايو آهي،ڪميٽي ۾ ٽن ماڻهن ” عمران خان کي آزاد ڪريو، اهو غير جمهوري طريقو آهي، اسان کي عمران خان جي ضرورت آهي،قيدي نمبر 804 کي آزاد ڪريو“ جا نعرا به هنيا، ميڪور مڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن جو متن اهو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوري عمل ۽ انساني حقن جي حمايت ڪري ٿو، پاڪستان ۾ چونڊن دوران اليڪٽورل فراڊ ۽ تشدد جا اطلاع سامهون آيا آهن انهن چونڊن جي آزاد ۽ شفاف آڊٽ جو مطالبو ڪيو، اهن سوال ڪيو ته ڇا آمريڪي پرڏيهي کاتي کي اعتماد آهي ته پاڪستان جو عدالتي نظام انهن بي ضابطگين جو جائزو وٺي سگهي ٿو؟ ڊونلڊ لو چيو ته گذريل ٻن سالن دوران بي بنياد الزامن جي ڪري مون ۽ منهنجي خاندان کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون اسان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريون ٿا ته پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري، پاڪستاني عوام کي گهرجي ته ان کي يقيني بڻائي، هن چيو ته آمريڪا ايندڙ چونڊيل حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، آمريڪا پاڪستاني حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته چونڊ بي ضابطگين جي شفاف جاچ ڪئي وڃي،هن چيو ته افغان سرزمين تان پاڪستان تي حملا ڪيا پيا وڃن، اسان افغان طالبان کان مطالبو ڪريون ٿا ته پنهنجي سرزمين تان ٿيندڙ حملا روڪيا وڃن، پاڪستان کي معيشت ۾ بهتري جي ضرورت آهي، اهڙي ترقي جنهن سان ماڻهن جي ڀلائي ٿئي، هن چيو ته اسان ڪاروباري لاڳاپن ۾ بهتري، پاڪستان ۽ آمريڪي شهرين جي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ سفري ۾ بهتري چاهيون ٿا،هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ اهم انفراسٽرڪچر ۾ سڀ کان اهم سيڙپڪار رهيا آهيون، آمريڪي حڪومت منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي تجديد ڪري رهي آهي، ٻوڏ دوران انساني امداد جاري رهي،پاڪستان کي ماضي جي بلندترين قرضن کان پوءِ قرضن جي وڌندڙ چئلنيجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته هن سال وفاقي حڪومت جي آمدني جو تقريبن 70 قرضن جي ادائيگي ۾ وڃڻ جي توقع آهي،پاڪستان کي معاشي سڌارن ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي،پاڪستاني عوام هڪ اهڙي ملڪ جو مستحق آهي جيڪو پرامن،جمهوري ۽ خوشحال هجي،اسان ان ويزن جي حمايت لاءِ هر روز ڪم ڪري رهيا آهن،هن چيو ته پاڪستان ۾ سيلف سينسرشپ آهي، سوشل ميڊيا تي پابنديون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي هفتن کان ٽوئيٽر(ايڪس) تي پابندي لڳل آهي، ايڪس تي پابندين سان پاڪستانين کي خبر ڄاڻڻ جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي،