جنرل فيض حميد جو گرفتار ڀاءُ ضمانت تي آزاد

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد جي ڀاءُ ۽ اڳوڻي مختيارڪار  نجف حميد جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. اينٽي ڪرپشن عدالت رشوت، دوکي ۽ فراڊ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو،نجف حميد خلاف گذريل سال ڪيس داخل ٿيو هو ۽ 3 ڏينهن اڳ کيس ضمانت رد ٿيڻ تي عدالت مان گ ڪيو ويو هو.

  1. ايڪس ۽ انٽرنيٽ جي بندش، گهرو وزارت کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ ملڪ  ۾ انٽرنيٽ  ۽ ايڪس جي بنددش خلاف جبران ناصر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ، عدالت ۾ جبران ناصر چيو ته پرڏيهي ورزات هن مهل تائين جواب جمع نه ڪرايو آهي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪهڙو ڊگهو جواب ڏيڻو آهي، چار لائنون لکڻ ۾ ڪهڙو وقت لڳندو، اسان کي ڪا خبر ناهي، جلد جواب جمع ڪرايو، وڪيل جو چوڻ هو ته پرڏيهي ورزات ان ڳالهه کي تسليم ڪري چڪي آهي ۽ نوٽيفڪشن جاري ڪري چڪي  آهي، اڄ انقاق سان عدالت ۾اچڻ کانپوءِ ايڪس هلڻ شروع ٿيو آهي جيڪو هلي پيو ۽ وري بند به ٿئي پيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي هرصورت ۾ پرڏيهي ورزات کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، عدالت پاران 17 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.