چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف عمران خان جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان هلندڙ سال فيبروري ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف درخواست  سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ عمران خان سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي آهي. اربع ڏينهن سينيئر وڪيل حامد خان طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي غيرجانبدار ججن تي ٻڌل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ذريعي 8 فيبروري 2024ع تي ٿيل چونڊن جي طريقيڪار ۽ ان جي نتيجن بابت معاملن جو  آڊٽ جائزو وٺي ۽ جاچ مڪمل ڪري نتيجا عوام آڏو پيش ڪيا وڃن. جيستائين ائين نه ٿيندو، تيستائين انهن چونڊن جي نتيجي ۾ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومتون ٺاهڻ سميت سمورن کي معطل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.