علي امين گنڊاپور جو رشوت بابت تڪراري بيان

اسلام آباد(م ڊ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزيرعلي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري بيان ڏنو آهي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته جيڪو شخص رشوت گهري ان جو مٿو ڦاڙي وجهو. اهڙو تڪراري بيان ڪنهن سياستدان  کي ڏيندي سوچڻ گهرجي ته سندس پوئلڳ اهڙي بيان تي عمل ڪري وجهن ته سماج لاءِ ڪيترو نقصانڪار ٿيندو. عوام جو اڌ سندس بيان جي تعريف ڪندو نوجوان حمايت ڪندا ته هر ڪو پنهنجي هٿ ۾ قانون وٺي قتل ڪندو وتندو. جيڪو معاشري لاءِ خطرناڪ آهي. مشهور صحافي عمر چيما پنهنجي ويلاگ ۾ چيو ته اڳ ئي اسان وٽ توهين مذهب لاءِ قانون هجڻ باوجود ماڻهو پاڻمرادو ڪارروائي ڪندي قتل ڪندا ٿا وتن. اهڙي صورتحال ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو اهڙو تڪراري بيان خطرناڪ آهي.

ان کانسواءِ اهڙي بيان تي مختلف سوال جنم وٺن ٿا ته عدالت، قانون، حڪومت ڇا لاءِ آهي؟ جڏهن ماڻهو پنهنجي طور تي ڪارروائي ڪندو وتي پوءِ ته علي امين گنڊاپور کي به وزارت ڇڏي گهر هليو وڃڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.