مراد سعيد ۽ سواتي سميت پي ٽي آءِ جي 12 سينيٽ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد

اسلام آباد ( م ڊ) سينيٽ چونڊن لاءِ خيبرپختونخواهه مان تحريڪ انصاف جي مراد سعيد ۽ اعظم سواتي،زلفي بخاري،صنم جاويد  سميت 12 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ اعتراضن کانپوءِ رد ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل حتمي لسٽ ۾ جنرل سيٽن لاءِ 16 اميدوار ميدان ۾ آهن، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا پر سندس نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا آهن. اعظم سواتي اڳ ۾ ٻه ڀيرا سينيٽ چونڊون کٽي چڪو آهي عورتن جي ڪيٽيگري ۾ تحريڪ انصاف جي خرم ذيشان ۽ حميده شاهد جا ڪاغذ به رد ڪيا ويا آهن. ٻين اهم نالن ۾ خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير محمود خان به شامل آهي. پي ٽي آءِ جي ٻين اهم اڳواڻن جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. انهن ۾ قاضي محمد انور، نورالحق قادري، فيصل جاويد، مرزا محمد آفريدي ۽ عرفان سليم جا نالا نمايان آهن. اميدوار ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ قائم  ٽربيونل ۾ اپيل ڪري سگهن ٿا،هوڏانهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر سيف چيو آهي ته اهو عمل افسوسناڪ آهي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.