حڪمرانن ملڪي معشيت کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، حور النساءِ پليجو ۽ عبدالقادر رانٽو پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن ملڪي معشيت کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽ يرغمال بڻايو ويو آهي، گذريل 76 سالن کان حڪمرانن جي عياشين ۽ غلط پاليسين سبب ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، 76 سالن کان حڪمرانن معشيت سان صرف تجربا ڪيا آهن، پاڪستان کي حقيقي جمهوري وفاقي ملڪ بڻائي ملڪ کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي،

 

آءِ ايم ايف معاهدي بعد مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، عوام اڳ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، گئس بجلي وڌيڪ مهانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو بنيادي حق کسيو پيو وڃي، روز مرهه جي شين ۾ مهانگائي وسيلي عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو ويو آهي، تيل ۽ گئس جون قيمتون وڌائي عوام کي وڌيڪ عذابن حوالي ڪيو ويو آهي، ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ معاشي ترقي نه پر تباهي جو منصوبو آهي، ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ سان معاشي ترقي حاصل نه ٿي سگھندي، سنڌ جون زمينون غير ملڪين بدران سنڌين کي ڏنيون وڃن. زراعت جي واڌاري لاءِ هارين کي سهولتون ۽ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.