منشيات فروشي ۾ ملوث عمرڪوٽ جي 5 ايس ايڇ اوز خلاف ڪارروائي جو حڪم

سامارو (ن ع آ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ ميرپورخاص جي ٻه رڪني بئنچ  ۾ تعلقي ساماري سميت ضلعي عمرڪوٽ ۾ زهريلي  گهٽڪي. مين پوڙي ، ماوي ۽ ٻي منشيات جي تياري ۽ وڪري خلاف  وڪيل مير محمد نوهڙي پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص به عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل 5 ايس ايڇ اوز خليل ڪنڀار، سيد عاطف شاھ ، سيد الطاف شاھ ، رياض لغاري ۽ احمد بخش راهمون جا نالا ٻڌايا ۽ چيو ته اهي پوليس آفيسر پاڻ منشيات جي واپار ۾ ملوث آهن ۽ انهن جي سرپرستي ڪري اثاثا ٺاھيا آھن. ڪروڙين روپين جي ملڪيتن ٺاهيون آھن انهن جي جاچ جي ضرورت آھي  ۽ 70 منشيات فروشن جي نالن جي لسٽ پڻ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ته جيئن انهن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي عدالت ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي حڪم ڏنو ته انهن ايس ايڇ اوز ۽ منشيات فروش خلاف ڪارروائي ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي 9 اپريل تي ڪاروائي  رپورٽ پيش ڪئي وڃي

ڊي آءِ جي تنوير عالم اوڍو چيو ته منشيات فروشن جي ڪيسن ۾ فوري ضمانت ڏني ويندي آهي، جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي  .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.