پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي علي امين خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

پشاور( م ڊ )  پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف اثاثن بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس معطل  ڪري ڇڏيو، پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران علي امين گنڊاپور جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض جو هڪ وقت هوندو آهي، علي امين تي هاڻي اعتراض نٿو ٿي سگهي ۽ اليڪشن ڪميشن وٽ علي امين خلاف ڪارروائي جو ڪو به حق ناهي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ڪنهن به اداري کي صادق امين جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، بعد ۾ عدالت علي امين خلاف اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس جاري ڪندي نااهلي واري ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي،

پشاور هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.