سنڌ سرڪار پاران خريف سيزن لاءِ حصي جو پاڻي طلب ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ سرڪار پاران ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي آڏو خريف سيزن لاءِ حصي جو پاڻي طلب ڪرڻ جو فيصلوڪيو آهي، سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو. جنھن ۾ سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو، ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب سومرو، چيف انجنيئر بئراج مينيجمينٽ يونٽ ساجد ڀٽو۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي

 

. اجلاس ۾ سيڪريٽري کي ڄام خان شورو ھدايت ڪندي چيو ته ارسا اختيارين کان شروعاتي خريف سيزن جي لاءِ پاڻي گهرڻ جي ڊمانڊ ڪيو، 25 مارچ تي اسلام آباد ۾ ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو ميمبر به شرڪت ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.