گوادر پورٽ اٿارٽي تي حملو، جوابي ڪارروائي ۾ 8 دهشت گرد مارجي ويا

گوادر (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي ڪالعدم بي ايل اي جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي سمورن 8 حملي آورن کي ماري ڇڏيو. ذريعن موجب ڪالعدم تنظيم بي ايل ايجي دهشتگردن گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن گوادر ڪامپليڪس ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا وقت سر ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي وئي. ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ سمورا 8 حملي آور مارجي ويا. اکين ڏٺن شاهدن موجب علائقي ۾ فائرنگ کان اڳ ڌماڪا به ٻڌا ويا. واضح رهي ته گوادر اٿارٽي ڪامپليڪس ۾ پاسپورٽ آفيس، اليڪشن ڪميشن آفيس سميت ٻين سرڪاري ادارن جون آفيسون به آهن. گهرو وزير گوادر حملي جي مذمت ڪندي سڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گوارڊ پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏني آهي. وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته 8 دهشتگردن گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملي جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز انهن سمورن حملي آورن کي ماري ڇڏيو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن لکيو ته ‘پيغام بلڪل واضح آهي ته جيڪو به تشدد جو رستو اختيار ڪندو، ان تي رياست طرفان رحم نه ڪيو ويندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته دهشتگردي جي هر شڪل ۾ مذمت ڪرڻ لاءِ پوري قوم متحد آهي اسان بحيثيت قوم اهڙين بزدلاڻين ڪاررواين کان ڊڄڻ يا مايوس ٿيڻ کان انڪار ڪريون ٿا ،هوڏانهن آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه سپاهي ڊي جي خان واسي  بهار خان ۽ خيرپور واسي عمران علي شهيد ٿي ويا،پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن کي ڇيهو پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.