سورهيه بادشاهه وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو: ساڃاهه وند

ڪراچي (پ ر) سنڌ سُجاڳي فورم پاران  حر تحريڪ جي سرواڻ شهيد سورهيه بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، 20 مارچ 2024 جي رات 8 وڳي سنڌ راڻي ھائوس، گذري، ڪراچي ۾ انگريز سامراج خلاف گوريلا ويڙھ وڙھندڙ ۽ حُر تحريڪ جي روح روان شھيد سورھيہ بادشاھ کي سندس تصوير آڏو ڏيئا ٻاري، گل نڇاور ڪري ۽ سنڌ جي قومي تراني سان ڀيٽا ڏني وئي.  ان  موقعي تي سنڌ سُجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، سنڌ سُجاڳي فورم جي مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ غني عاجز، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ، ” شھيد سورھيہ بادشاھ انگريز سامراج خلاف سنڌ جي مڪمل آزاديءَ لاءِ گوريلا ويڙھ وڙھي، جنھن وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جھڙو عظيم نعرو ڏيندي ثابت قدميءَ سان انگريزن سان مُھاڏو اٽڪايو ۽ نيٺ انگريز سرڪار ان وقت برصغير ھند ۾ پھرين مارشلا سنڌ ۾ ھڻي حُرن خلاف ڪارروايون ڪيون، ۽ سانگھڙ، اڇڙي ٿر ۽ ٻين ڳوٺن تي آپريشن ڪري، لوڙھن کي باھيون ڏئي ڪيترن ئي سنڌ جي سرويچن کي شھيد ڪيو ۽ سورھيہ بادشاھ سميت ڪيترن ئي حُرن کي گرفتار ڪيو ويو، آخر ۾ سورھيہ بادشاھ کي 20 مارچ 1943 تي ڦاھي ڏئي سندس مڙھ کي ئي گُم ڪري ڇڏيو، ڇو تہ انگريزن کي سندس زندھ ھجڻ کان وڌيڪ شھيد سورھيہ بادشاھ جو لاش ڏکيو پوي ھا، تنھنڪري انگريزن سندس مڙھ کي ئي گم ڪري ڇڏيو، پر اسان سمجھون ٿا تہ جيسيتائين سورھيہ بادشاھ جو نعرو، وطن يا ڪفن، آزادي يا موت، زندھ آھي تيسيتائين سنڌ جا سمورا شھيد ۽ سورما زندھ آھن ۽ سندن جدوجھد ۽ فڪر پڻ زندھ رھندو “ ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ غني عاجز، ضلعي ڪراچي ڏکڻ جي اڳواڻ مڪيش ڪمار، ضلعي ڪورنگي جي اڳواڻ سيد زمان شاھ، ايڊووڪيٽ لطيف ملاح، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، ماروي ڪلھوڙو، فراز ڪلھوڙو ۽ ٻيا شامل ھُئا.

  1. سورهيه بادشاهه جو سبق نصاب ۾ شامل ڪري سندس قبر ظاهر ڪريو: پاسبان جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران تحريڪ آزادي جي سرواڻ سورھيه بادشاھ پير صبغت الله شاهه راشدي جي يوم شھادت واري ڏينھن تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  جنھن جي اڳواڻي الطاف شڪور، انجينئر عرفان سيد، ميان رياض ڪليم الله ملڪ، نور الامين، تحسين بلوچ، ارشاد شيخ، سجاول مروت ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ جدوجھد آزادي جي تاريخ کي وسارڻ يا ان کي نصاب ۾ شامل نه ڪرڻ آمريڪا، برطانيا جي غلامي قبول ڪرڻ  جي برابر آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته حڪومت سورھيه بادشاھ جي آخري آرامگاھھ بابت برطانوي حڪومت کان معلوم ڪرڻ گھرجي. اڳواڻن چيو ته سورھيه بادشاھ جي ڏينھن تي 20 مارچ تي عام موڪل جو اعلان ڪرڻ سميت حر تحريڪ کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ برطانوي حڪومت، سرڪاري طور تي حرن جي قتل عام تي معافي وٺي، متاثر خاندانن کي معاوضو ادا ڪري.

  1. سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ جي سرويچن کي سلام پيش ڪيون ٿا: ايس ٽي پي

حيدرآباد( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سورھ بادشاھ شھيد پير صاحب پاڳارو جي 81 ورسي جي تقريب ترقي پسند ھائوس حيدرآباد  تي پارٽي وائيس چيئرمن حيدر شاھاڻي جي صدارت ھيٺ ملھائي وئي ، ورسي تقريب ۾ سورھ بادشاھ جي ھلچل ان وقت جي عالمي ، برصغير ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال ، ھلچل ۽ پير صبغت الله شاھ راشدي جي شھادت جي ڪارڻن تي ھوت خان گاڏهي تفصيلي ليڪچر ڪيو ، ان موقعي تي هن چيو ته پير صبغت ﷲ شاھ راشدي سورهيه بادشاهه جي  81 ايڪاسي ورسيءَ جي موقعي تي عقيدت جا گل نڇاور ڪندي اسين پنهنجي سڀني محسنن تي فخر ڪيون ٿا. ورسي تقريب کي حيدر شاھاڻي ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، جان محمد جوڻيجو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي ڌاڙيلن جي آزار جي خاتمي جي گھر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.