صدر آصف زرداري جسٽس مظاهر نقوي جي برطرفي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ) صدر آصف علي زرداري جسٽس مظاهر نقوي جي برطرفي جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل مظاهر نقوي کي عدالتي بدانتظامي جو مجرم قرار ڏئي ڇڏيو.جج مظاهر نقوي جي استعيفيٰ جو نوٽيفڪيشن به واپس ورتو ويو. واضح رهي ته هلندڙ مهيني سپريم جڊيشل ڪائونسل مظهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جي سفارش جي منظوري لاءِ صدر کي موڪلي هئي. ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل مظاهر نقوي خلاف 9 شڪايتن جو جائزو ورتو، انهن شڪايتن جو آئين جي آرٽيڪل 206 جي شق (6) تحت جائزو ورتو ويو، انهن شڪايتن ۾ مظاهر نقوي بدانتظامي ڪئي ۽ کيس ڏوهي قرار ڏنو ويو. جنهن سبب کيس جج جي عهدي تان هٽائڻ گهرجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.