ڇا ريليون ڪڍڻ دهشت گردي آهي، سپاهي جي بيان تي وزيراعظم کي غدار چئي ڇڏجي ؟

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ 5 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. جوابدارن اويس، سيف الله، نصرالله، ڪامران ۽ وقاص تي راولپنڊي ۾ حمزه ڪيمپ تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو الزام آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس مندو خيل کانسواءِ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هئا. ٻڌڻي دوران جسٽس مندوخيل چيو ته ريلي ڪرڻ يا سياسي پارٽي جو ڪارڪن هجڻ ڏوهه آهي. هن چيو ته اڄ اها تباهي صرف شاگرد يونين ۽ سياسي پارٽين تي پابنديون لڳائڻ سان ٿي آهي. سپريم ڪورٽ ڪيس ۾ ناقص جاچ ڪرڻ تي پوليس ۽ پراسيڪيوشن کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪهڙا ثبوت آهن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان سڃاڻپ ٿي آهي، جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مظاهرين حمزه ڪيمپ ۽ ٻين هنڌن جا ڪيمرا ٽوڙي ڇڏيا. جسٽس مندوخيل چيو ته ان جو مطلب آهي ته جوابدارن خلاف ڪو به ثبوت ناهي، رڳو پوليس جا بيان آهن. ان تي جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته سي سي ٽي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ محفوظ آهي، ماڻهو موبائل فون مان وڊيوز به ٺاهيندا آهن. جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ دهشتگردي جون شقون ڇو شامل ڪيون ويون آهن، جنهن تي پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته جوابدارن آءِ ايس آءِ ڪيمپ تي حملو ڪيو هو. ان تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان کي خبر ناهي ته دهشتگردي ڇا آهي؟ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۽ ڪوئيٽا ڪچهري ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا، ريلي ڪڍڻ ڪٿي دهشتگردي بڻجي وئي؟ جسٽس هلالي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ آءِ ايس آءِ آفيس تي حملي جو ذڪر ناهي. هن چيو ته ڪيتريون ئي حساس جايون آهن. پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسپيشل برانچ لاهور جو هڪ هيڊ ڪانسٽيبل به ان ڪيس ۾ شاهد آهي، جنهن تي جسٽس مندوخيل چيو ته واقعو راولپنڊي جو آهي ۽ شاهد لاهور جو آهي؟ جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته هيڊ ڪانسٽيبل جي بيان تي اڳوڻي وزيراعظم کي غدار سمجهيو وڃي؟، هن چيو ته خدا جو خوف ڪريو، ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته پوليس جي شاهدي کانسواءِ ڪو به ثبوت ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.