ڪوٽڙي ۾ قتل ٿيل چيلهار واسي جي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي

چيلھار/ ڪوٽڙي (نمائندن وٽان) ڪوٽڙي جي فلور مل ۾ بيدردي سان قتل ٿيل چيلھار واسي گھنشام ميگھواڙ  جو مڙھ سندس اباڻي شھر چيلھار پھتو ته گھر سميت سڄي پاڙي ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ اتي موجود سمورا ماڻهو قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رھيا، مڙھ جي آخري رسمن ۾ چيلھار جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مڙھ کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مقتول گھنشام جي پيرسن نابين امڙ سيتا پيرسن نابين پيءُ سوڀو ميگھواڙ ڀاءُ ڪيلاش چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ظالمن اسان کان اسان جي جيئڻ جو سھارو به کسي ورتو آهي .اسين پيرسن ۽ معذور آھيون اسان کي اميد آهي ته سرڪار ۽ عدالتون اسان سان انصاف ڪنديون جي ھتي انصاف نه ٿيو ته مالڪ ضرور انصاف ڪندو ، مقتول گھنشام جي قتل جو ٻڌي چيلھار مان ڪوٽڙي ويل مقتول جي عزيز جھامن روھيل ٻڌايو ته ڪوٽڙي  پوليس ۽ مل مالڪ جي موڪليل ماڻهو جو رويو نامناسب لڳي رھيو ھو،

اسان وارثن جي چوڻ موجب ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به پوليس تيار نه ھئي اسان پاران اتي احتجاج ڪرڻ ۽ ايس پي جي اچڻ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، مقتول گھنشام جي قتل جي اڻڌري انڪوائري ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.