اسلام آباد(م ڊ)جنرل باجوا، جنرل فيض ۽ عمران خان تي دهشتگردن کي ٻيهر ڪي پي ۾ آباد ڪرڻ واري معاملي تي جنرل باجوا ۽ جنرل فيض کي پارليامينٽ ۾ طلب ڪرڻ واري بيان بعد بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف پاڻ کي ملندڙ ڌمڪي جو انڪشاف ڪيو آهي،پي ٽي آءِ به بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جنرل باجوا پاران ملڪ جي دفاع واري وزير کي ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪيون ٿا، دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هر اليڪشن تڪراري رهي آهي، جاچ ڪرڻي آهي ته 2018ع جي اليڪشن جي به ٿيڻ گهرجي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رڳو پنجاب ۽ وفاق ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ڌانڌلي جي ته ڳالهه نه پئي ڪري،هن چيو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جا ثبوت موجود آهن، آمريڪا ۾ گذريل چئن سالن کان ٽرمپ گوڙ ڪري رهيو آهي،هو به ڌانڌلي جو الزام لڳائي رهيو آهي،هن چيو ته ان ۾ حقيقت آهي ته فوج جا جنرل رڳو ڪاغذن جي حد تائين چونڊيل حڪومت جي ماتحت آهن، مون جنرل باجوا ۽ جنرل فيض بابت ڪا توهين جوڳي ڳالهه ته نه ڪئي هئي، اسان کي ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٽي ٽي پي جا ماڻهو ٻيهر آباد ڪرڻ سان ٻيهر امن ٿي ويندو،پوءِ اهو امن ڪٿي آهي،؟هن چيو ته مون جيڪڏهن لائن ڪراس ڪئي ته اها ڪنهن اشو تي ڪئي آهي،ان جو ڪو ته جواب ڏئي، هن ملڪ ۾ حڪمراني ڪرڻ لاءِ هر ماڻهو حاضر آهي، پر جڏهن سياستدانن، جنرلن،ججن جي احتساب جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ڪو به تيار ناهي، هي ڪهڙو ملڪ آهي؟ مون رڳو جنرل باجوا ۽ جنرل فيض کي پارليامينٽ جي فورم تي گهرائڻ جي ڳالهه ڪري ڪهڙي گستاخي ڪئي آهي؟ مون کي پارٽي ان معاملي تي تنبيهه ناهي ڪئي، آمريڪي دفاع وارو وزير ته ڪميٽي اجلاس ۾ پيش ٿي سوالن جا جواب ڏئي ٿو، پهرين به باجوا ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته مان پريس ڪانفرنس ڪندس، مون چيو ته ڀلي ڪريو، پاڪستان ۾ ماڻهو تنقيد برداشت نٿا ڪن، اسٽيبلشمينٽ کي ڪا به ميار نه ڏيڻ گهرجي،