ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عورت مارچ جي نالي تي مخصوص عورتن پاران فحاشي ڦهلائڻ جي خلاف درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورت مارچ جي نالي تي مخصوص عورتن پاران فحاشي ۽ عرياني ڦهلائڻ بابت سمينا رضوان سميت ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، آرٽس ڪائونسل جو صدر احمد شاهه سميت ٻيون ڌريون عدالت ۾ پيش ٿيون، آرٽس ڪائونسل جي وڪيل ٻڌايو ته عورت مارچ ۽ ڊانس جنڪشن هڪ الڳ الڳ پروگرام هئا، آرٽس ڪائونسل جو عورت مارچ سان ڪو تعلق ناهي، عورت مارچ مختلف تنظيمون ڪرائن ٿيون، وڪيل ٻڌايو ته ڊانس جنڪشن جي نالي سان هڪ ثقافتي پروگرام رکيو هو، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته پيمرا پاران ڪير پيش ٿيو آهي، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني، چيف جسٽس عقيد احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر کان پڇيو وڃي ته عورت مارچ جي نالي تي ڪنهن ڪنهن کي اجازت ڏني وئي، جيڪڏهن انهن کي ڪو پريشان ڪري ٿو ته اسان ڪوشش ڪري مسئلو حل ڪيون، عورتون آزاد آهن، رستي تي اچي اهڙا نعرا لڳائڻ جي ڪهڙي ضروت پوي ٿي، عورت درخواست گذار موقف ڏيندي عورت مارچ جي نالي تي فحاشي ۽ عرياني ڦهلائي پئي وڃي