ڪوٽڙي/ چيلهار (رپورٽ: جبار ڪابورو/ شنڪر باغي ) ٿر واسي پورهيت جو ڪوٽڙي سائيٽ جي ھڪ فلور مان تشدد ٿيل لاش ھٿ 60 کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون چوري، چيلهار ۾ شٽربند هڙتال، واقعي واري هنڌ ايس ايس پي ڄامشورو پهچي ويو، ڪوٽڙي سائيٽ جي حاجي نواب فلور مل مان چوڪيداري ڪندڙ 35 سالن جي نوجوان گهنشام ميگھواڙ جو مبينا طور تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي ايس ايس پي ڄامشورو سميت سائيٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، ان موقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز ٻڌايو ته شروعاتي طور تي معلوم ٿيو آهي ته نوجوان جي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي کيس تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، وڌيڪ سي سي ٽي وي فٽيجز ڪڍرايا آهن، ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدارن کي گرفت ۾ آندو ويندو، ٻئي طرف مل مالڪن جو چوڻ آهي ته اٺ کان ڏھ مزدور ڪم ڪندا آهن 60 کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون مل مان غائب آهن، جڏهن ته چوڪيدار جي موت جو واقعو ڪيئن پيش آهيو، ڪا به ڄاڻ ناهي، چاهيون ٿا ته معاملي جي جلد کان جلد جاچ ڪئي وڃي، مقتول جو لاش ڪوٽڙي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان گهنشام ميگهواڙ ٿر جي چيلهار شهر جو رهواسي هو،گذريل اٺن سالن کان نواب فلور مل اندر چوڪيدار طور پورهيو ڪندو هو، هو طبيعت ۾ سادو ۽ با زوق نوجوان هو سندس اردو ڪلام واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جڏهن ته سائيٽ ڪوٽڙي ۾ مل تي چوڪيداري طور ڪم ڪندڙ چيلھار واسي پورھيت گھنشام عرف گھنو ولد سوڀو ميگھواڙ جي قتل خلاف چيلھار ۾ شٽربند ھڙتال ڪري شھرين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جو چوڻ ھو ته سنڌ ھڪ دفعو وري بدامني جي ور چڙھي وئي آهي سموري سنڌ ۾ قتل ڌاڙا اغوا ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، سنڌ ۾ سرڪار نالي جي ڪابه شئي نظر نٿي اچي، واقعي جي اڻڌري جاچ ڪري ملوث ڪردارن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي ڄامشوروطارق نواز جي حڪم تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي مقتول گنهشام ميگهواڙ جي ڀاءُ جي فرياد تي فلور مل مالڪ شهزاد راجپوت سميت نامعلوم ماڻهن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو