پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ تلخي،علي ظفر ۽ شير افضل جي ڪردار تي سوال

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف چئرمين بيرسٽر گوھر علي ظفر کي سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن جي  ڪيس ۾ پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.ڪور ڪميٽي جي گذريل ڏينھن ٿيل اجلاس ۾ گوڙ گمسان بعد اھڙو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ 22 کن ميمبر ذاتي طور تي موجود ھئا،باقي ميمبر زوم تي شامل ٿيا.اجلاس ۾ علي محمد خان /ڏسو صفحو 7 ڪالم 7

تقرير ڪندي علي ظفر ۽ شيرافضل مروت کان پڇيو تھ جڏھن اوھان مخصوص سيٽن بابت تسليم ڪريو پيا تھ ان ۾ اسان جون غلطيون ھيون تھ پوءِ ڪھڙي منھن سان وڃي اتي ڪيس جو دفاع ڪندا.انھن ٻنھي ڄڻن وٽ ان جو ڪو مناسب جواب نھ ھو.ان دوران بئريسٽر گوھر ڳالھايو ۽ ھن شيرافضل مروت کي چيو تھ تون ڪنھن جي اجازت سان ٽي وي چينلز تي انٽرويو ڏيندو وتين ٿو،جتي پارٽي جي موقف کي لتاڙي ھليو ٿو اچين.جنھن جو بھ ھن وٽ ڪو جواب نھ ھو.ممڪن آھي تھ علي طفر کي ايندڙ وقت ۾ پارٽي جي باقي ڪيسن کان بھ الڳ ڪيو وڃي.

 

جڏھن تھ اھو بھ فيصلو ڪيو ويو تھ شير افضل جي خلاف مواد عمران خان کي پيش ڪيو ويندو،جنھن موجب ھو پارٽي خلاف ڪم ڪري رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.