اسلام آباد(م ڊ) جنرلز کي پارليامينٽ ۾ طلب ڪرڻ بدران ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ آندو وڃي. خواجا آصف جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد کي ايوان ۾ طلب ڪرڻ وارو بيان يقينن دفاع واري وزير جي حيثيت ۾ ڏنو ھوندو.بھتر ٿيندو ته حڪومت انھن خلاف ان ڏوھ جو ڪيس داخل ڪري کين عدالت جي ڪٽھڙي ۾ آڻي. ن ليگ اڳواڻ ۽ وزيردفاع خواجا آصف ايوان ۾ بيان ڏنو آھي ته جنرل باجوا ءٌ جنرل فيض ٽي ٽي پي سان معاھدا ڪري انھن جا 6 ھزار ماڻھو آندا ھئا، جيڪي ئي ھن وقت جي حالتن جا ذميوار آھن. انھن جنرلن کي ايوان ۾ طلب ڪرڻ لاءِ ھو رٿ پيش ڪندو.جاويد چوڌري جو چوڻ ھو ته ھاڻي خواجا آصف رڳو ن ليگ اڳواڻ نه آھي، ھو بچاءُ جو وزير پڻ آھي ۽ ھي بيان ان بچاءُ واري وزير جي حيثيت سان ئي ڏنو ھوندو.وي لاگ موجب پارليامينٽ ۾ اھي ايندا ته به پارليامينٽ ڇا ڪندي ؟ اها ڪا عدالت ته نه آھي، جيڪڏھن وزيردفاع کي انھن جنرلن جو احتساب ڪرڻو آھي تھ انھن تي ڪيس داخل ڪري باقي اھڙي بيان جو مقصد جنرلن کي ٿورو ٽف ٽائم ڏين لڳي ٿو.ھر ڀرو ان جو مقصد ڪو احتساب ڪرڻ نه آھي