ڪنهن کي ته ايڪس جي بندش جي ذميواري وٺڻ گهرجي: پي ٽي اي چيئرمين

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل رٽائرڊ حفيظ الرحمان چيو آهي ته گهرو وزارت ايڪس کي بند ڪرڻ بابت ڪا به هدايت ناهي ڏني، ان معاملي جي ذميواري ڪنهن کي وٺڻ گهرجي. ڊان نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ چيئرمين پي ٽي اي ايڪس جي بندش جو معاملو گهرو وزارت ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته ايڪس جي بندش ۽ ان حوالي سان مونجهاري کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايڪس جي بندش جي حوالي سان اسان وٽ ڪجهه ناهي، پر اهو معاملو واضح ٿيڻ گهرجي يا ڪنهن کي ايڪس جي بندش جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن واري ڏينهن 8 فيبروري تي صبح پنج وڳي آفتاب دراني جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو ۽ ان اجلاس ۾ سمورا سيڪيورٽي ادارا موجود هئا ۽ خدشو هو ته ڪجهه ٿي سگهي ٿو. چيئرمين پي ٽي اي چيو ته ان وقت اسان کي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو آرڊر مليو هو، ان تي باضابطا طور تي ٽوئيٽ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.