اسلام آباد( م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پابندي گهرو وزارت جي اجازت سان نه لڳائي وئي آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اظهار جي آزادي هئڻ گهرجي پر ڪنهن تي ڪوڙو الزام لڳائڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، هتي فوج ۽ عدليه خلاف غلط مهم شروع ڪئي وئي آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا بابت قانون ٺاهڻ گهرجن، سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، سوشل ميڊيا جا قانون سڄي دنيا ۾ لاڳو آهن، آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ به سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي وئي آهي، هن چيو ته دهشتگردن کي نه بخشينداسين، پاڪستان تي حملا ڪندڙن کي سندن ئي زبان ۾ جواب ڏنو ويندو، ملڪ جي آزادي تي ڪنهن به حملي جي اجازت نه ڏينداسين.