ڪراچي(عوامي آواز نيوز)تنگواڻي ۾ استاد الله رکيو نندواڻي جي شهادت واقعي سنڌ جي شعور کي روئاري ڇڏيو،سوشل ميڊيا تي سنڌ حڪومت ۽ ادارن تي سخت تنقيد، صحافي شوڪت زرداري لکيو آهي ته پاڪستانيو سنڌ جي علائقي تنگواڻي ۾ بدامني جي ڪري هڪ اسڪول جو استاد الهه رکيو بندوق کڻي ٻارن کي پڙهائڻ ويندو هو ڪالهه ان کي ڌاڙيلن شهيد ڪري ڇڏيو،سنڌ ۾ ڌاڙيل نوان دهشتگرد بڻجي چڪا آهن، جن مان اڪثر وڏيرن جا پاليل آهن، وڏيرا پ پ جا حامي آهن، پاڪ فوج کي درخواست آهي ته هڪ بي رحم آپريشن ڪيو وڃي،وقاص لکيو جلد کان جلد آپريشن ڪرايو وڃي نه ته سنڌ جا ڪم لهي ويندا،صحافي امداد سومري لکيو ته سنڌ مغوي ۽ رتورت ٿيل آهي، آءِ جي سنڌ نوڪري بچائڻ لاءِ لابنگ ۾ مصروف آهي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز ايراني تيل ۽ انڊين سوپارين جي ڪاروبار ۾ مصروف آهن، نااهل سنڌ حڪومت ڪرپشن ۾ مصروف آهي، رياست لاتعلق آهي،عوام ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آهي،جي ڊي اي اڳواڻ سائره بانو لکيو ته سرڪاري آشيروارد رکندڙ ڌاڙيلن ڪرمپور جي استاد الله رکيو نندواڻي کي قتل ڪري ڇڏيو،ڪامران نقوي لکيو ته سنڌ جو مڪمل ڪنٽرول ڌاڙيلن سنڀالي ورتو آهي، سنڌ جي انتظاميا ڌاڙيلن آڏو بيوس آهي، سمورن ڊرائيورن کي گذارش آهي ته سنڌ ڏانهن ويندي احتياط ڪن،ياسين رند لکيو ته سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار فقط سياسي ۽ مالياتي مقصدن ھيٺ استعمال ڪيو ويندو آ جھڙوڪ سياسي ۽ سماجي مخالفن تي FIR ڪٽڻ، لاٺي چارج ڪرڻ، ٿاڻن تي مقرر ڪيل منٿلي جي اوڳاڙي، ڀوتارن جي اوطاقن تي حاضري، ماڻھو کنڀڻ ۾ مدد ڪرڻ، يا وري ڪنھن غريب ريڙھي واري کان مفت ميوا کڻڻ تائين اهي، اقبال حسين لکيو ته سي ايم سنڌ جي ترجيحن ۾ ۾ اتر سنڌ جي امن امان جو انتهائي نازڪ معاملو مسنگ ڇو آهي؟ آخر وزيراعليٰ سنڌ هن معاملي تي ايترو لاتعلق ڇو بڻيل آهي؟ ذوالفقار واهوچي لکيو ته گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور جي ڪچي ۾ بي رحم آپريشن ڪري ڌاڙيلن کي ختم ڪريو،انهن انسانيت کي لڄائي ماريو آهي، ڪچي جي علائقي ۾ سڀ ڌاڙيل غير مقامي آهن، جيڪي ٻين صوبن مان اچي اتي آباد ٿيا آهن، انهن کان ڪچو خالي ڪرايو وڃي، انهن کي ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏڻ گهرجي،دستگير ڀٽي لکيو ته گذريل ويهن سالن کان ڌاڙيلن،سردارن جي ظلمن جوشڪار ٿي ويل ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيلن کان ڌمڪيون ملڻ سبب ھن استاد الله رکيو نندواڻي ٻارن جي پڙهائي کان منھن موڙڻ بدران رائيفل کڻي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو پرظالمن کيس آئي بي اي واري عظيم استاد اجمل ساوندجيان گوليون ھڻي شھيدڪري ڇڏيو،علي لانگاهه لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي سنڌ جا ٿاڻا انھن تان بورڊ ھٽائي ڌاڙيلن جا بورڊ لڳرائي فلاڻي ڌاڙيل جي حد شروع فلاڻي ڌاڙيل جي حد ختم ، پوليس کي به ڀتو وٺڻ ۾ آساني ٿيندي.فياض حسين لکيو ته ڌاڙيل پوليس ۽ پاڪ آرميءَ وارن کي اوپن چئلنج ٿا ڪن پر انھن کي ھن ڊجيٽل دؤر ۾ به ڪجھه نٿو ڪيو وڃي، اگر عوام کي سيڪيورٽي نه ملندي ته آخرڪار ھر ماڻھو باغي ٿيندو ويندو، عائشه خان لکيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪٿي آهن؟علي جويو لکيو ته استاد جو قتل واقعو ان ڳالهه جو پيغام آهي ته ڌاڙيل ملڪ ۽ سياست جي وڏن ڌاڙيلن سان ڳٺ جوڙ ۾ آهن، ثنا بڪڪ لکيو ته اھڙي خراب صورتحال گهرو ويڙهه جو شڪار آفريقي ملڪن ۾ به شايد نه هجي جيڪا اتر سنڌ ۾ آهي،انجنيئر قربان زرداري لکيو ته ڇا صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم ھن شھيد استاد جي جنازي کي ڪلھو ڏيڻ ايندا؟
ڪنڌڪوٽ/ ٽنڊو محمد خان/ ڪشمور (نمائندن وٽان)ڪنڌڪوٽ ۾ ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ ٻه ڏينھن قتل ٿي ويل استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پي ٽي الف جي سڏ تي استاد تنظيمن پاران اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪري مين اسڪول کان پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ تائين پ ٽ الف جي جنرل سيڪٽريري ڪنڌڪوٽ صدرالدين مرھيٽو عبدالقادر عارباڻي، عبدالواحد چاچڙ، انور عارباڻي، سيد منير احمد شاھ، جرنل سيڪريٽري مير حسن ڀيو، گسٽا اڳواڻ سيد سليم شاھ هائير سيڪنڊري اسڪول جي هيڊ ماستر غلام رباني ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعو ۾ اغوا ڦر ڌاڙا توڙي رتو ڇاڻ وارو سلسلو روز جو معمول بڻيل آهي، 2 ڏينهن اڳ استاد الله رکيو کي بيدردي سان قتل ڪري هٿيار بند آساني سان فرار ٿي ويا پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ بدامني سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، هنن ايس ايس پي ڪشمور توڙي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته بنا ڪنهن دير جي شهيد ڪيل استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري شھيد استاد جي خون سان انصاف ڪري امن امان کي بحال ڪيو وڃي، پرائمري استاد الله رکيو نندواڻي جي قتل ، سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت ۽ استادن جي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف پ ٽ الف ضلعي ٽنڊومحمدخان پاران مين پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پ ٽ الف اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو، عارف قريشي ، شاهنواز مهر ، غلام حسين ڪاتيار تاج رونجهو ، ونودڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي شعور تي مسلسل حمله ٿي رهيا آهن هڪ مهيني دوران 5 استادن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جيڪو عمل تعليم دشمني تي ٻڌل آھي پرائمري استاد الله رکيو نندواڻي ، هدايت الله لوهار ، ظفر لاکو ، مراد بنگوار ، جمع جکراڻي جو قتل سوچيل سمجهيل سازش جو حصو آهن، جڏهن ته ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ هڪ ڏينهن اڳ ڪرمپور ۾ قتل ٿيل استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪشمور ۾ گسٽا ۽ سماجي تنظيم ريڊ امپاورمينٽ سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن محمد ايوب چاچڙ ممتاز سولنگي حق نواز ڪلوڙ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڪشمور ضلعي ۾ بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ انتظاميه مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي، استاد جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.