سنڌ جون حالتون هٿ وٺي خراب ڪيون پيون وڃن:صنعان قريشي

سن(ن ع آ )جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سن ويجهو  ڳوٺ احمد خاصخيلي ۾ پهچي ڪامريڊ اصغر خاصخيلي جي تڏي تي پهچي سندس ڀاءُ  معزز شخصيت اُستاد اڪبر خاصخيلي جي وفات تي  تعزيت ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جو حالتون هٿ وٺي خراب ڪيون پيون وڃن، سنڌ جو امن تباھ ٿي ويو آهي، ڪير به محفوظ ناهي، ماڻهو اغوا ڪيا وڃن ٿا، قتل ڪيا وڃن ٿا، رات ۽ ڏينهن هڪ لڳو پيو آهي، ڌاڙيل،  چور، لوفر سرعام ڏوھ ڪري رهيا آهن، پر سرڪار کي نظر نٿا اچن، سرڪار سنڌ جو امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، هن چيو ته سنڌ جو امن بحال ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن، چورن، لوفرن خلاف آپريشن ڪري سنڌ ۾ ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هن  چيو ته 21 مارچ تي شهيد چاچا مقصود خان قريشي ۽ نوجوان سلمان وڌو جي شهادت جو ڏهاڙو آهي، جيڪو رتوديرو ۾ شهيدن جي مرازن تي گلن جي چادر چاڙهي ملهايو ويندو، ان موقعي تي جسقم لاکا شهر جو اڳواڻ غفور ڪاڇي ۽ ٻيا موجود هئا.هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام قاسم آباد ۾ جسقم جي اڳوڻي سينئر اڳواڻ آڪاش ملاح جي ڀاءُ جي وفات تي سندس رهائش گاھ تعزيت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.