جيڪب آباد ۾ مغوي جي آزادي لاءِ وارثن ۽ سول سوسائٽي جو ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) هڪ ڏينهن پوليس ٿاڻي آر ڊي 44 جي حد مان اغوا ٿيل مغوي جي آزادي لاءِ وارثن ۽ سول سوسائٽي  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، اغوا ٿيل علي بخش گھنيو جي آزادي  لاءِ مظاهرين ڌرڻو هڻي ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ريلي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته جيڪب آباد، ٺل توڙي ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا، ڀنگ، چوري ۽ ڦرن جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، پر پوليس انتظاميه خاموش  بڻيل آهي، سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺي مغوي کي آزاد ڪرائي، ٻي صوت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.