حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ کي ڌاڙيلن جي ڪيٽين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سکر، ڪشمور – ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ڌاڙيلن جي اڻ اعلانيل حڪومت قائم آهي. رياست پنهنجي رٽ مڪمل وڃائي چڪي آهي. ڌاڙيلن سنڌي عوام جو سک ڦٽائي ڇڏيو آهي. سرعام ماڻھن جو قتلام ۽ اغوا معمول بڻيل آهن. هنن چيو ته ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سنڌ جا سردار ۽ جاگيردار ڌاڙيلن جا سرپرست بڻيل آهن. ڌاڙيلن کي حڪومت جي مدد حاصل آهي. پوليس ۽ انتظاميا ڌاڙيلن جي سهولت ڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ بدامني باھ ۾ ٻري رهي آهي. پيپلز پارٽي حڪومت اچڻ شرط ڌاڙيلن کي ڪارواين جي لائسنس ملي ويو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي ذميوار آهي. مسلسل چوٿون دفعو سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي سنڌ کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ قائم ڌاڙيلن جي غيرقانوني حڪمراني جو نوٽيس وٺن ۽ سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني بحال ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.