چيلهار: سنڌي ادبي سنگت شاخ چيلھار جي اڳواڻن گوبند چيلاڻي، نندلال روھيل ۽ ٻين چيو آهي ته حيدرآباد ڪراچي سميت مختلف ھنڌن تي مزوري خاطر ويل غريب ٿرين کي آئي ڏينهن قتل ڪري انهن جا لاش مائٽن ڏانهن اماڻيا ٿا وڃن ڪجهه ڏينهن پھرين حيدرآباد ۾ ھڪ ٿري سميجا برادري جي نوجوان کي قتل ويو اسين، ٿري اڃا ان ڏک ۾ ھئاسين ته رات چيلھار جي نوجوان گھنشام ميگھواڙ کي قتل ڪري لاش ٻوري ۾ بند ڪري مائٽن کي اطلاع ڏنو ويو اسين روز اخبارن ۾ پڙھندا آھيون ته ڄامشورو ضلعو بدامني جو ڳڙھ بڻيل آهي، واقعي جي مذمت ڪيون ٿا واقعي جي جاچ ۾ مل مالڪن کي به شامل ڪندي اڻڌري جاچ ڪري ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.