معيشت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول بڻائڻ جي ضرورت

تحرير: رياض ابڙو 

ڳالھه  سمجهھ کان مٿي آ ته جڏهن انهن وزيرن مشيرن کي معيشت جا انگ اکر سمجهھ ۾ ئي نه ٿا اچن ته انهن ايندڙ ڏهن سالن جا روڊ ميپ ڪيئن تيار ڪري ورتا آهن؟ جيڪي اهو سمجهندا آهن ته انهن کي پنج سال رڳو اها سمجھڻ ۾ گذري ٿا وڃن ته ڪرڻو ڇاهي ۽ ڪنهن سان ڪهڙي ريت ڳالهائڻو آهي ته اهي ڇا ڪري سگهندا؟ يا بس آسري ۾ هي قوم انهن جون فنڪاريون ڏسندي رهي. ان ڳالھه  تي به حيرت آهي ته جڏهن آمدني گهٽ آ ته خرچ وڌيڪ ڇو آهن، انهن سڀني ۾ توازن ڪير پيدا ڪندو؟ ڇو ته ”آمدني اڻهني اور خرچا روپيا“ واري ڳالھه  ٿي بيهي ته جيڪي به هاڻوڪا يا اڳوڻا وزير ۽ مشير رهيا آهن، انهن سڀني جون اووسيز ڪمپينون به آهن، اهي سڀ درجنين ڪمپينن جا ملڪ به آهن ۽ ايستائين جو اهي پنهنجن ڪمپنين جي وڌي وڃڻ ۽ ترقي ڪرڻ سان اهي ڪمپنيون پنهنجن ٻارن ڏي به ڪمپنيون شفٽ ڪندا رهن ٿا. ان ڪري ته انهن جي ڪاروبار ۾ انتها درجي جي برڪت به هوندي آهي، اهي پنهنجن ڪمپنين جي آڊٽ به ڪرائين ٿا، اهي پنهنجي ڪمپنين ۾ ايمانداري ۽ ڪفايت شعاري به هلائن ٿا، انهن کي خبر آهي ته ڪمپنين ۾ بجيٽنگ ڪيئن ڪجي ۽ ڪاسٽنگ ۽ فورڪاسٽنگ ڪيئن ڪجي؟ پر انهن سڀني کي رڳو ملڪ جون معيشتون هلائڻ نه ٿيون انهن کي اها خبر نه ٿي پئي ته آمدني ڪيتري هجي جو خرچن جي ورڇ برابر ڪجي.

ڀلا جي رياست کي ملڪي ڪمپنيون پرائيويٽ ڪرڻيون به آهن ته دير ڇا جي؟ اهي به جلدي ڪن، ان ڪري ته انهن جي پرائيويٽ ٿيڻ سان ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، ان جا مثال اسان وٽ کوڙ آهن ته جيڪي ادارا سرڪار هجڻ جي ڪري نقصان ۾ ويندا هيا اهي هاڻي بلين ۽ ٽريلن روپيا ڪمائن ٿا، پر ڏچو رڳو اهو آهي ته اهي ماڻهن کي پيشن نه ٿا ڏين ۽ جيڪو به سٺ سال عمر جا پورا ٿو ڪري، ان کي ڪُل ڪمائي هٿ ۾ ڏئي گهر ڀيڙو ٿا ڪن. ان ڪري جيڪي ملازم ويچارا سرڪاري پيشن جي آسري پنهنجي زندگي جا پڇاڙي وارا ڏينهن گهر ويٺي پينشن کائڻ جا مستحق هوندا آهن، اهي ان سهولت کان محروم ڪيا ويندا، پر انهن کي وري ايترا پيسا ملندا آهن جو اهي پنهنجا پيسا جيڪڏهن ڪٿي بينڪ ۾ فڪسڊ ريٽ تي رکن يا ڪٿي سيڙائين ته وري باقي زندگي سُکي گذري سگهن ٿا. اها ڳالھه  به مڃون ٿا ته ادارن جي خانگائڻ سان ملڪ ۾ ترقي جو ريشو بهتر ٿي سگهي ٿو بجاءِ جو ادارا گروي رکجن، يا موٽرويز وانگي اهي سڪوڪ بانڊن جي عيوض کپائي ملڪ کي ڏيوالي جي طرف کڻي وڃجي، پر اهي سڀ ادارا پرائيويٽ ڪجن، ماڻهن کي روزگار جون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن، امپورٽ گهٽائين ۽ ايڪسپورٽ وڌائين، ڀلا جي نه ٿا وڌائن ته گھٽ ۾ گھٽ گهريلو ضرروتون ته پوريون ڪن ۽ ڪرنسيءَ ۾ اسٽيبلٽي آڻين ته ماڻهو سک جو ساھ کڻن.

مشرف جي دور کان وٺي جيڪي هنن ادارا خانگايا اهي هاڻي ڪارڪردگي بهتر ڪري ويا آهن، جن ۾ پيٽروليم ڪمپينون، بينڪون، يا ڪجھه  ٻيا ادارا جيڪي هاڻي سال جو بلين روپيا نفي جا ڪمائي حڪومت کي طرحين طرحين ٽيڪس ڏين ٿا، جن جي ملازمن جو به هاڻي حڪومت تي بار ناهي، جن جي بجيٽنگ ۾ هاڻي حڪومت خساري جون دانهون نه ٿي ڪري، ان ڪري جو انهن ادارن جي پنهنجي ڪمائي هاڻي گهڻي آ. 1990 واري ڏهاڪي ۾ جتي سرڪاري 3 بينڪون به نه هونديون هيون اتي هاڻي 31 ٽوٽل بينڪون آهن جن مان 22 پرائيويٽ، 5 سرڪاري ۽ 4 انٽرنيشنل بينڪون ڪم ڪن ٿيون ۽ ماڻهن کي روزگار به ملن ٿا، ته پوءِ هاڻي به حڪومت سڀني ادارن کي ڀلي خانگائيم پر ادارن کي گروي نه رکي. هڪ مثبت ڳالھه  اها به آهي ته هتي ماڻهن کي جي حڪومت جي طرفان ٽيڪس جي ڇوٽ هجي، حڪومت جي طرفان قانوني رڪاوٽون نه هجن، ليبرڪاسٽ سستي هجي، حڪومت جي ٽيڪس جا ڄار گهٽايا وڃن، بجلي سستي ڪئي وڃي ته هر ماڻهو ڪا نه ڪا ڪرت، ڌنڌو، ڪاروبار، ڪمپني، ادارا ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽ کولڻ لاءِ تيار آهي. حڪومت انهن سڀني ماڻهن کي ننڍڙا ننڍڙا قرض ڏئي ۽ امن امان جون حالتون بهتر ڪري ته هر ماڻهو ڪاروبار ڪري ڇو ته هر ماڻهو ڪمپنيون کولڻ لاءِ آتو ويٺو آهي. پر هتي هڪڙي ڳالھه  سمجهڻ جهڙي آهي ته چائينا اسان جون دوست ملڪ ناهي، پر اهو هڪ اهڙي معاشي دشمني ٿو ڪري جو انهن وٽ جيڪڏهن بجلي مفت آ ۽ ليبر ڪاسٽ سستي آ ته اهي اسان وٽ وري شيون سستي اگھ ۾ کپائي هليا ٿا وڃن ۽ پاڪستاني اهو ٿا سمجهن ته جنهن شيءِ تي جي ڪاسٽنگ ڪجي يا پسيو هڻجي ته لٿي خفي شيون ايتري ۾ کپنديون ڪو نه جيتري ۾ ٺاهي مارڪيٽ ۾ آڻبيون. ان ڪري هتي انهن سڀني بجلي، گيس، ٽيڪس ۽ ليبرڪاسٽنگ جي ڊڄ کان ڪير ڪمپني کولي نه ٿو، پر رهندو ڪندو جيڪي لوڪل ڪمپنيون ڪم ڪن ٿيون، اهي وڃن ٿيون بند ٿينديون ۽ حڪومت کي انهن جو درد ناهي، اهي رڳو اهو ٿا چاهن ته ماڻهو ڪجھه  به ڪن رڳو رياست کي مٿڪي (ٽيڪس) ڏين ۽ پوءِ جيڪو وڻين تيڪو ڪن.

حڪومت جي بجلي، گيس ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏئي ته شين ٺاهڻ جا ڪارخانا هتي به جڙي سگهن ٿا ۽ جيڪي شيون چائينا مان گهرايون وڃن ٿيون، اهي هتي به ٺاهي سگهجن ٿيون، پر چائنا پنهنجي ڪاروبار ۾ هڻ هڻا لايون ويٺو آ ۽ هاڻي ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي بجاءِ يا ادارا گروي رکڻ جي بجاءِ جيڪي به دوست ملڪ آهن، جن ۾ سعودي يا روس جو ذڪر ڪجي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن،

پر هتي جيڪي سيڪورٽي جا ادارا آهن، اهي جي امن امان ۽ ڀتي خوريءَ واري ماحول کي ڪجھه  جهڪو ڪن، اهي اها ڳالھه  ممڪن ڪن ته جيڪي به لوڪل يا انٽرنيشنل ڪمپنيون کلنديون، اهي سيڪيورٽيءَ جي دل جاءِ ڪن، ته انهن کي ڪو به لنڊو لوفر تنگ نه ڪندو ۽ اهي آرام سان ڪم ڪري سگهندا. هتي جيڪي به ٻاهريون ڪمپينون ڪم ڪن ٿيون انهن جي مقابلي ۾ لوڪل ڪميپنون اچڻ کپن، ان ڪري ته ٻاهرين ڪمپنين جي هجڻ يا ڪم ڪرڻ سان اسان جي ”جي ڊي پي“ ڀلي نه ٿيندي نه اسان جي سڪي جي ڪا عزت ۽ وقار رهندو. ان ڪري جيڪي به ”فوڊشاپس“ آهن اهي لوڪل برانڊ جا هجڻ کپن مثال هاڻي ”پيزاشاپس“ ايترا ته لوڪل اچي ويا آهن جو جيڪو ”انٽرنيشنل پيزاهَٽَ“ هيو اهو ملڪ ڇڏي هليو ويو آهي ۽ ان جي بدلي جيڪي به ”اي ٽو زي لوڪل پيزا شاپس“ آهن، اهي پنهنجو ڪاوربار هلائي ڪامياب ٿي ويا آهن. ائين ئي جيڪي به پيٽروليم ڪمپنيون آهن اهي به جيڪڏهن لوڪل هجن ۽ ٻاهرين ڪمپينن کي ڀڄائي ڇڏجي ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪي پاڻيءَ جون ۽ مشروبات جون ڪمپنيون آهن انهن جا بجاءِ جو فرينچائيز ۽ آئوٽليٽ کولجن، انهن جي جاءِ تي به لوڪل ماڻهن کي حڪومت موقعا ڏئي ته اهي پنهنجن ڪمپنيون هڻن مثال ”ايڪوافينا ۽ نيسلي“ جي جاءِ تي پنهنجون ڪمپنيون هلائين ۽ اهي لوڪل ڪمپنيون جي ڪوالٽيءَ تي ڪرپرومائيز نه ڪن ۽ حڪومت به انهن تي ٽيڪس، بجلي ۽ گيس جي مد ۾ ڪا ڇوٽ ڏئي ته اهي ڪرنسيءَ جا معاملا ۽ امپورٽيڊ شين جي ڀرمار گهٽائي سگهجي ٿي ۽ ”ڊالرائيزڊ“ شيون به گهٽ ڪري سگهجن ٿيون.

مثال اسان وٽ جيڪي به آءِ ٽي ۽ موبائيل ڪمپنيون ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ڪري ٿيون اچن انهن جا ڪارخانا به هتي لڳائين، ان ڪري ته آمريڪا جي آبادي جتي 35 ڪروڙ آهي اتي اسان به 30 ڪروڙن کي ڌڪ هنيو آهي، پر فرق رڳو اهو آهي ته اهي ماڻهو ٽيڪنيڪلي مضبوط آهن ۽ اهي لوڪل شيون استعمال ڪن ٿا ۽ اسان ٻين ملڪن ڏي ٿا واجهايون. پر حڪومت ۾ جي ايتري همت ناهي ته اهي اهڙا ادارا جوڙي سگهي ۽ ٻاهرين ملڪن جي ادارن کي اهو چئي سگهن ٿا اهي جي پاڪستان ۾ پنهنجون ڪمپنيون ٺاهي شيون کپائين ته انهن کي حڪومت جي طرفان خاص رعايت هوندي، ۽ اهي هاڻي انهن شين جي امپورٽ نه ڪري سگهندا ۽ انهن ڪمپنين کي سهولتون ڏيارين ته اهي هتي هن ملڪ ۾ اڃان به وڌن ۽ شيون بهتر ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.