رپورٽن موجب تنگواڻي ڀرسان ڌاڙيلن هٿان قتل ڪيل استاد الهه رکيو نندواڻي جي قتل واري معاملي جو سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته بدامني سبب پنهنجي بچاءُ لاءِ بندوق کڻي ڊيوٽي تي اسڪول ويندڙ استاد الهه رکيو نيٺ ڦورن هٿان ئي مزاحمت تي قتل ٿيو. تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد ۾ مگسي ڪرمپور روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو 6 هٿياربندن اسڪول کان واپس ايندڙ موٽر سائيڪل سوار استاد الهه رکيو نندواڻي ۽ سندس ساٿين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته استاد پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن استاد کي گوليون هڻي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ وارثن پاران مگسي اسٽاپ تي استاد جو مڙهه رکي ڌرڻو ڏنو ويو. واضح رهي ته قتل ڪيل استاد کان اڳ به ٻه ڀيرا هٿياربندن ڦر ڪئي هئي.
ان مٿي ڄاڻايل ۽ مجموعي طور تي سنڌ اندر ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي ڳڻتي جي حد تائين وڌيل بدامني کي ڏسندي اڄ اسان هن ايڊيٽوريل ذريعي گهرو صوبائي وزير ضيا النجار سان مخاطب آهيون جنهن استاد الهه رکيو جي قتل جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي. جيتوڻيڪ نوٽيس وٺڻ ۽ رپورٽ طلب ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي پر اسان لنجار صاحب ان کي ماضي جي روشني ۾ هڪ روايتي ڪارروائي ٿا سمجهون. هتي نوٽيس وٺڻ ۽ رپورٽ طلب ڪرڻ تائين رڳو اڳڀرائي ٿيندي ۽ اتان وڌي نه سگهندي آهي. اوهان کي سنڌ جي گهر وزير جي حيثيت ۾ جيڪا ذميواري ملي آهي سا ساڳي وقت چئلنيج به آهي ته سنڌ ۾ اوهان کي لاقانونيت ۽ بدامني جو راڄ ختم ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ حڪومتي وسيلا ۽ نيٽ ورڪ ڪتب آڻڻو آهي. اوهان جي يقينن علم ۾ هوندو ته پ پ تي اها عام طور تي تنقيد هوندي آهي ته ان جي دور ۾ هميشه بدامني، لاقانونيت ۽ ڏوهارين جون وارداتون وڌي وينديون آهن. هڪ گهرو صوبائي وزير جي حيثيت ۾ اوهان کي هاڻي اهو تاثر ختم ڪرڻو آهي.
اوهان کي اها به خبر آهي ته عيد جي موقعي تي خاص ڪري ڦرن جون وارداتون چوٽ چڙهي وينديون آهن، انهن کي ٻنجو ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي ان تي سوچڻ اوهان جي ذميواري آهي. اوهان خوش نصيب آهيو جو پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ان ڏس ۾ اوهان کي معاملن جي نشاندهي ڪري ڏين ٿيون جيڪڏهن انهن نشاندهين کي اوهان مثبت طور وٺندئو ته اوهان جو ئي ان ۾ فائدو هوندو. اسان کي معلوم آهي ته اوهان جو پنهنجو سرڪاري نيٽ ورڪ به آهي، ان کي به اوهان اثرائتي نموني استعمال ڪري سگهو ٿا.
اسان جي اوهان کي اها ئي صلاح هوندي ته هنگامي بنيادن تي سنڌ اندر ڌاڙيلن، ڦورن ۽ ڏوهارين خلاف نيشنل ايڪشن پلان جهڙو سخت آپريشن شروع ڪيو جيئن لاقانونيت ۽ بدامني جي مڪمل طور تي پاڙ پٽي سگهجي، ڌاڙيلن، ڦورن ۽ ڏوهارين جو نيٽ ورڪ مڪمل طور تي نيست ۽ نابود ڪري سگهجي. اهڙو آپريشن جيڪڏهن اوهان ڪري ويا ته اوهان کي سنڌ جي بهترين گهرو وزير طور واکاڻيو ويندو ۽ ياد رکيو ويندو. عوام اوهان کي دل جي گهراين سان دعائون ڏيندو پر ان قسم جي آپريشن ۾ عام ۽ بي گناهه ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کان پاسو ڪجو. سُڪن سان گڏ ساوا نه لتاڙجو، ڌاڙيلن، ڦورن ۽ ڏوهارين جي والدين، مٽن مائٽن کي تنگ نه ڪجو نه ئي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪجو. مطلب ته اهو آپريشن هر قيمت تي ڌاڙيلن، ڦورن، ڏوهارين تائين محدود هجي وڌ ۾ڌ انهن بدي جي طاقتن جي سهولتڪارن کي ٽارگيٽ بڻائي سگهجي ٿو پر ڪنهن سان زيادتي ۽ ناجائزي نه ٿئي، ان جو خيال ڪرڻو پوندو.
اسان سمجهون ٿا ته هن جديد دور ۾ ڌاڙيلن، ڦورو ۽ ڏوهارين خلاف فيصلائتي ۽ نتيجا ڏيندڙ آپريشن ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو نه هئڻ گهرجي. هر ضلعي، تعلقي ۽ يوسيز جي عملدارن کان پنهنجن علائقن جي ڌاڙيلن، ڦورن ۽ ڏوهارين جي نالن جون فهرستون طلب ڪري انهن کي پڪڙڻ جو آپريشن ڪري سگهجي ٿو. ايئن غير قانوني هٿيار ضبط ڪرڻ جي پڻ مهم هلائڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان سياسي ۽ سماجي جماعتن جي احتجاجن تي ڪرڙي نظر رکي سگهو ٿا، انهن تي شيلنگ، لٺ بازي ۽ تشدد ڪري پنهنجي توانائي اجايو ضايع ڪريو ٿا. سو ان توانائي جو رخ ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ ڦورن ڏانهن ڪرايو. سندن اها توانائي اوڏانهن خرچ ڪريو. تڏهن اسان چئو ٿا ته آپريشن کي ڪامياب ڪري سمجهڻ جو ڪو مسئلو ناهي ضرورت اصل ۾ اوڏانهن ڌيان ڏيڻ جي آهي. سوچ جي آهي، بدامني کي چئلينج ڪرڻ جي آهي پر ان پاسي حڪومت جو ڪو ڌيان نظر نٿو اچي جيڪا مجرماڻي ڪوتاهي آهي. اسان ته اهو لکندا رهيا آهيون ته حڪومت چئبو ئي ان اٿارٽي کي آهي جيڪا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري سگهي. جيڪا حڪومت پنهنجو اهو اولين فرض ادا نه ڪري سگهي تنهن کي پوءِ حڪومت سڏائڻ جو به ڪو حق ناهي. اسان وٽ ته حڪومت رٽ جو رهي ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي؟ جيڪڏهن اوهان ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ نٿا ڪري سگهو، ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ ڦورن جي نيٽ ورڪ کي ختم نٿاڪري سگهو ته اها اوهان جي نااهلي ۽ ناڪامي چئبي.
سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جنهن جماعت کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي سا مثالي ۽ يادگار حڪومت ڪري ڏيکاري، جنهن شخص کي جيڪا وزارت ملي آهي سا اهو ملهائي ڏيکاري. ان معيار تحت گهرو وزير ضيا لنجار کي به مثالي گهرو وزير ٿيڻ جو تاريخ موقعو ڏنو آهي. ان موقعي کي ملهائي ڏيکارڻ ضيا لنجار جو ڪم آهي. سو کيس گذارش آهي ته پهريون ته تنگواڻي جي قتل ٿيل استاد بابت طلب ڪيل رپورٽ تي ڪارروائي ڪري ڏيکاري ۽ سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ ڦورن خلاف آپريشن ڪري جيڪا وقت ۽ سنڌ جي عوام جي اولين ضرورت آهي.