ڪا ڳالهه، ڪم، شخص کي وسارڻ اسان جي دماغ جي سڀ کان پريشان ڪندڙ حرڪتن مان هڪ آهي، يادداشت جي ڪمزوري کي ڊگهي وقت کان هڪ بيماري جي طور تي ڏٺو ويندو آهي، پر تحقيق مان خبر پوي ٿي ته وسارڻ ايڏو خراب ناهي جيترو اڄ تائين ان کي پيش ڪيو ويو آهي.
دماغ ڪنهن شئي جي ياد ڄاڻي واڻي به وساري سگهي ٿو.
محققن دريافت ڪيو ته ويسر اصل ۾ سکڻ جو بهترين طريقو آهي.