امتحانن ۾ جعلسازي، انٽر بورڊ ڪراچي شاگردن کي 15 سيڪڙو واڌو مارڪون ڏئي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي انٽر بورڊ ۾ شاگردن جي امتحاني نتيجن ۾ جعلسازي جي معاملي تي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ شاگردن کي فرسٽ ايئر ڪامرس جي رزلٽ 15 سيڪڙو واڌو مارڪن سان ڏني وئي.
انٽر بورڊ جي پڌرائيءَ موجب فرسٽ ايئر ڪامرس جي رزلٽ 15 سيڪڙو واڌو مارڪن سان ڏني وئي آهي، جڏهن ته سائنس گروپ جون 15 سيڪڙو واڌو مارڪن سان گڏ مارڪس شيٽس ايندڙ هفتي تائين ڪاليجن کي موڪليون وينديون.
واضح رهي ته ڪراچي انٽر بورڊ جي پهرئين سال جي امتحاني نتيجن ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ شاگرد فيل ٿيا هئا ۽ امتحاني نتيجن ۾ جعلسازي جو انڪشاف سامهون آيو هو.
نگران حڪومت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي سفارشن کي منظور ڪندي شاگردن کي 15 سيڪڙو واڌو مارڪون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.