وياج شرح 22 سيڪڙو برقرار، مهانگائي شرح اڃا به بلند آهي: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ ڀيرو وري وياج جي شرغ 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي في الحال بلند آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائي  موجب، مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب، هلندڙ مالي سال معاشي جي ڊي پي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو رهندي ۽ معاشي جي ڊي پي ۾ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي اهم آهي. مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي اميدن موجب گهٽجڻ شروع ٿي آهي، سپٽيمبر 2025ع تائين مهانگائي 5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ لاءِ موجودا پاليسي جو تسلسل ضروري آهي . مهانگائي جي امڪانن ۽ غير يقيني صورتحال سبب ترقي يافته ۽ اڀرندڙ معيشتن ۾ مکيه مرڪزي بينڪن تازو گڏجاڻين دوران محتاط پوليٽيڪل پاليسي موقف برقرار رکيو آهي. مهانگائي ۾ لاٿ باوجود ان جو منظر نامو خطرن سان ڀرپور آهي، ان لاءِ احتياط ڪرڻ گهرجي. عالمي محاذ تي جيتوڻيڪ جنسن جي اگهن ۾ وسيع لاڙو خوشگوار آهي پر ڳاڙهي سمنڊ ۾ تڪرار سبب تيل جي قيمتن ۾ اضافو به ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.