سائفر ۾ ڪهڙي ڄاڻ هئي، جنهن کي ٽوئسٽ ڪيو ويو :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي دوران چيف  جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج کي به سائفر نه ڏيکاريو ويو. انفارميشن کي ٽوئسٽ ڪيو ويو آهي ته خبر هجڻ گهرجي ته انفارميشن ڪهڙي هئي.؟ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته هن خط ۾ ڇا لکيل آهي؟ وڪيل چيو ته مون سائفر نه ڏٺو آهي ان ڪري نٿو ٻڌائي سگهان ته ڇا لکيو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي سزا ڏني وئي ته اهو خبر ته پوي نه ته دستاويز ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه هئي؟ بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته شاهه محمود قريشي کي سهڪار ڪرڻ سان گڏ سازش ۽ 4 لائينن واري چڙ ڏياريندڙ تقرير  ڪرڻ جي الزام ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي،

جسٽس ميان گل حسن چيو ته هي سياسي تقرير آهي. اپيل تي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري تي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.