اهم عهدن تي ملازمت مدي ۾ واڌ واري پاليسي سان شهبازشريف پنهنجي ساک ڪيرائي ڇڏي؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهباز شريف آچر واري ڏينهن آفيس کولي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت ۾ هڪ سال واڌ ڪئي آهي. نواز شريف ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي سخت خلاف هيو جنهن جي ڪري شهباز شريف جي چونڊ ڪئي وئي. عمران شفقت پنهنجي ويلاگ ۾ ٻڌايو ته بيڪ ڊور ڊپلوميسي لاءِ فضائيه جي سربراهه ظهير احمد بابر سڌو جو وڏو ڀاءُ به نواز شريف کي ايڪسٽينشن لاءِ راضي ڪرڻ لنڊن ۾ ملاقات لاءِ ويو. شايد ان ملاقات جو اهو نتيجو نڪتو جو ايڪسٽنشن ٿي واضح رهي ته نواز شريف ان حق ۾ نه رهيو. جنهن جي ڪري اسٽيبلشمنٽ ۽ نواز شريف وچ ۾ تڪرار برقرار آهي، شهباز شريف آچر واري ڏينهن آفيس کولي فضائيه سربراهه چيف ايئر مارشل  جي ملازمت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي پر ملازمتن ۾ واڌ جو سلسلو اتي نه بيهندو، اڃا ملازمتن ۾ واڌ ٿيندي جنهن بابت ايندڙ وقت ۾ ڄاڻ ملندي. عمران شفقت چيو ته جيئن ملازمتن ۾ واڌ ٿي ته جيڪو نظام هلي پيو اهو اڃا پنج ڇهه سال اڃا هلندو ،هوڏانهن ناليواري تجزئي نگار طلعت حسين چيو ته ايئر چيف مارشل کي اها ايڪسٽينشن نه وٺڻ گهرجي ها نه ئي شهباز حڪومت کي سندس مدي ۾ واڌ ڏيڻ گهرجي ها،ايڪسٽينشن ادارن لاءِ به صحيح ناهي، جيڪي وٺن ٿا انهن ۽ جيڪي ڏين ٿا انهن لاءِ به درست ناهي،وقتي طور تي توهان کي ڀلي فائدو محسوس ٿئي،جنرل مشرف،جنرل ڪياني، جنرل باجوا جي ايڪسٽينشن به نه ٿيڻ گهرجي ها،هن چيو ته جنرل ضيا به جيستائين جهاز حادثي ۾ مارجي ويو تيستائين ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه بگاڙ پيدا ٿي چڪو هو، جنرل مشرف به پنهنجي دور ۾ عقل ڪل بڻيل هو،جنرل ڪياني به مڃي ٿو ته کيس ايڪسٽينشن نه وٺڻ گهرجي ها، جنرل راحيل شريف به سعودي عرب پاران آڇ ملڻ کان پوءِ ايڪسٽينشن وارو فيصلو واپس ورتو،ايڪسينشن تي اداري اندر به ماحول خراب ٿئي ٿو، ايڪسيٽنشن وٺڻ وارا پنهنجي باري ۾ ڪو سٺو تاثر قائم ناهن ڪندا، اهڙو ڇا آهي جو اهي پنهنجي مدي ۾ به اهو ڪم مڪمل نه ڪري سگهندا آهن جو هڪ سال جي ايڪسٽينشن ۾ وري ڪري وٺندا؟ٽن سالن واري مدي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهندڙ هڪ سال ۾ واڌ سان ڇا ڪري سگهندا؟ اهڙا ڪردار پنهنجي قابليت ۽ پروفيشنلزم تي هروڀرو سوال اٿاري رهيا آهن،هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت وڌيڪ ايڪسٽينشن شهبازشريف کي پنهنجي حڪومت جي ساک جو احساس ناهي، ان قسم جا فيصلا ڪري هو پنهنجي اختيارن کي وڌيڪ گهٽائي رهيو آهي،ايئرچيف جو ڀاءُ سرگوڌا مان اليڪشن وڙهي چڪو آهي،حڪومت جيستائين نه ٻڌائيندي ته ان ايڪسٽينشن سان ڪهڙا فائدا ٿيندا تيستائين سوال اٿندا رهندا،رياست کي ادارن کي شخصن جي تابع نه ڪرڻ گهرجي، ادارن جي عزت ان ۾ آهي ته شخصيتون ادارن جي تابع رهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 19 مارچ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.