سنڌ ۾ هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ پوليس گردي خلاف مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ استاد هدايت لوهار  جي قتل خلاف احتجاج ڪندڙ سندس نياڻين ۽ قومي ڪارڪنن مٿان تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري  ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ نصيرآباد ۾ قتل ڪيل استاد  هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهري دوران سسئي لوھار، سورٺ لوهار،تاج جويو، سارنگ جويو، محب آزاد، سھڻي جويو، فوزيا سينگار، سارنگ لوهار ،سنگهار لوهار ۽ ٻين پرامن سياسي ڪارڪنن مٿان تشدد ڪري مٿس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽  سارنگ لوهار، سنگهار لوهار سميت ٻين جي گرفتاري  خلاف سنڌ سڄاڳي فورم ڪراچي ڊويزن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو مرڪزي صدر سارنگ جويو، غني عاجز جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ سڄاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويو ، جسقم  اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، سنڌ سجاگي فورم ضلعي ڪورنگي اڳواڻ زمان شاھ، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، جساف آريسر اڳواڻ سلام اڄڻ، جساف اڳواڻ هالار پيرزادو، جئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ يوسف ڪرناڻي، قومي ڪارڪن ڪامران مري ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي پريس ڪلب ٻاهران پرامن احتجاج مٿان پوليس ۽ رياستي ادارن لاٺي چارج ڪري نياڻين ۽ قومي ڪارڪنن تي سخت تشدد ڪيو ۽ کين زخمي ڪري گرفتار ڪري مٿن دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا.، سنڌ سجاگي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جوئي خطاب ڪندي وڌيڪ  چيو ته نصيرآباد ۾ مهينو اڳ سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار جي والد کي وچ شهر اندر گوليون هڻي قتل ڪيو ويو پر ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود قاتلن کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته سندن نياڻين انهن قاتلن جا نالا پڻ ڏنا آهن پر ان جي باوجود انهن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو پر سندس، نياڻين سورٺ ۽ سسئي لوهار سندس ٻين ڀائيرن سارنگ ۽سنگهار ۽ ٻين کي پر امن احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ دهستگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪو سڌي ريت رياستي دهستگردي آهي ، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته اسين سائين جي ايم سيد جي پر امن سياسي جدوجهد تي يقين رکون ٿا ۽ پر امن احتجاج تي ٿيل تشدد جي مذمت ڪيون ٿا ، احتجاجي مظاهري ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سارنگ جوئي، جئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سهيل ڪلهوڙ، جسقم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ غني عاجز، ضلعي ڪورنگي جي اڳواڻ شعيب شيخ، سيد زمان شاھ ضلعي ملير جي آرگنائيزر صابر نهڙئي، ضلعي ملير جي اڳواڻ مڪيش ڪمار ۽ عثمان ڪورائي جساف آريسر ضلعي اوڀر جي صدر سلام اڄڻ ، گمشاد مري ، جساف اڳواڻ هالار پيرزادو ، ايڊوڪيٽ ماجد گبول، شرن ڪمار، ڪامران مري سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻو پوليس پاران استاد هدايت لوهار جي نياڻين ۽ قومي ڪارڪنن مٿان تشدد ۽ گرفتاري خلاف ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ به  احتجاج ڪيو ويو، احتجاج جي اڳوڻي سنڌ سڀا جي سربراھ سنڌي انعام ڪئي، ان کان علاوه مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن، ايس يو پي  ضلعي اوڀر جي نائب صدر خليل الرحمان، ضلعي سيڪريٽري عبدالواحد مغيري، قومپرست اڳواڻن زمان شاھ، نور ڏاهري، مدثر سرڪي، وقار چولياڻي، واحد سنڌي، آصف چانڊيو، ستار خشڪ، ۽ٻين سياسي سماجي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نصيرآباد ۾ قتل ٿيل استاد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهري دوران سسئي لوھار، سورٺ لوهار، فوزيه سينگار ۽ ٻين پرامن سياسي ڪارڪنن مٿان لاٺي چارج ڪري کين گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم آريسر، سنڌ سڄاڳي فورم ۽ وڪيلن پاران اولڊ ڪئپمس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، جسقم آريسر جي اڳواڻ فتح چنه، سنڌ سڄاڳي فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، ايڊووڪيٽ نويد جروار، اسد جروار ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي، لاڙڪاڻو پوليس پاران قومي ڪارڪنن، نياڻين تي تشدد، گرفتارين، ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ تحريڪ ڪرناڻي ۽ جساف آريسر پاران راول ڪرناڻي، باغي فرھاد، دلاور شيخ، معصوم زئور ۽ ٻين جي اڳواڻيءِ ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاج ڪيو ويو، مٽياري پريس ڪلب آڏو نياڻين تي تشدد ۽ گرفتاري خلاف جسقم آريسر جي اڳواڻ تاج حيدر درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ مختلف تنظيمن پاران، شهيد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي ۾ مظاهرين مٿان ٿيل تشدد ۽ پر امن نارين توڻي سياسي، سماجي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ايڊووڪيٽ وزير احمد اڄڻ، عبدالجبار مڱريي، جسقم اڳواڻ مهراڻ کوسي، حبدار ملاح، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ سرمد سيد، مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻ زين سيال، اسد سهتو ماجد ڪلهوڙو، شڪيل منگي، امداد ڪليري نجيب مڱريو، رحمان مڱريي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ پر امن ريلي سنڌي ادبي سنگت جي  اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شاعر، اديب دانشور ليکڪ تاج جويو سارنگ جويو، سھڻي جويو، ايڊووڪيٽ، سسئي لوهار، سورٺ لوهار، محب آزاد ۽ ٻين تي لاڙڪاڻي پوليس پاران تشدد ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطي سيڪريٽري ايم ظفر تڳڙ، علي نواز سولنگي، خادم سيال، عتيق وسطڙو، شاھد خانزاده ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڀرياسٽي ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان راڻاشيرمحمد، راڻا عبدالستار، محمد سومر ڪيريو، عبدالمجيد ڪيريو، ميرمحمد سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  اوڏيرو لال اسٽيشن ۾ به سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ڌرين طرفان احساس ميرل، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، ايڊووڪيٽ غلام مصطفي عمراڻي، جاويد علي خاصخيلي، اڳوڻو ڪائونسلر فقير بلاول خشڪ، شيراز علي عمراڻي، بھترين راڳي خالد علي ميرالي، شوڪت علي ڪلهوڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپوربٺورو ۾ شهيد هدايت لوهار جي نياڻين تي پوليس جي تشدد ۽ کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ علي بندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ڪنب ۾ به نصير آباد ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ تي لاڙڪاڻو پوليس پاران تشدد خلاف هالار رتڙ، ڊاڪٽر نذير کوکر، امتياز ماڇي، علي ڏنو اڄڻ ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جون نياڻيون سسئي لوهار، ۽ سورٺ لوهار پنهنجي  والد جي قتل ۾ ملوث قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهن، نياڻين، قومي ڪارڪنن ۽ همدردن سان گڏجي لاڙڪاڻي جناح باغ اڳيان پرامن احتجاج پئي ڪيو ته بزدل سنڌ پوليس انھن نياڻين ۽ ڪارڪنن مٿان ڪڙڪي پئي جنهن مظلوم نياڻين ۽ قومي ڪارڪنن توڙي همدردن مٿان بيدردي سان لاٺي چارج ڪيو جنھن ۾ اڳوڻي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري تاج جويو، پٽ سارنگ جويو، ڌي سهڻي جويو ۽ سوين احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪن ۽ همدرد توڙي شهري سخت زخمي ٿيا، نياڻين ۽ بيگناهه قومي ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، جن ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا آهن اهي ڪيس ختم ڪري نياڻين ۽ قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪري پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.