وزيراعظم جون جي ايڇ ڪيو ۾ خاطريون،هائبرڊ پلس نظام گهڻي عرصي تائين هلڻ جي ضمانت؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  پاڪستان تحريڪ انصاف هن وقت  بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ پاران آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي هيڊ آفيس ٻاهران احتجاج ڪرڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن. پي ٽي آءِ کي آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي ويٺلن کان لاتعلقي جو اعلان ڪرڻ کپي، ڇو ته ان سان ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. پي ٽي آءِ ۾ هن وقت اختلاف به شدت اختيار ڪري ويا آهن. اينڪرپرسن عاصمه شيرازي پنهنجي وي لاگ ۾ ٻڌايو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ مان پي ٽي آءِ کي رليف نه ملڻ تي به پارٽي قيادت ناراض آهي. هن چيو ته سينيٽ اميدوارن جي نامزدگي واري معاملي تي پڻ پي ٽي آءِ ورهايل آهي. ڪجهه اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي سينيئر ماڻهن کي نظرانداز ڪري نوجوانن کي نامزد ڪيو ويو آهي،عاصمه شيرازي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪري ملڪي سيڪورٽي لاءِ بجيٽ مان جيڪو به حصو گهربل هوندو اهو ڏيڻ لاءِ خاطري ڪرائي ڇڏي،وزيراعظم خاطري ڪرائي ته  ٻين کاتن مان به ڪٽوتي ڪري به ملڪ جي سيڪيورٽي تي جيترو خرچ ايندو اهو خرچ ڪيو ويندو،  عاصمه شيرازي پنهنجي هڪ وي لاگ ۾ چيو ته شهباز شريف جي هن سياسي طرز عمل مان واضح آھي ته ملڪ ۾ ھائبرڊ پلس نظام هلي پيو، ان ڪري هي حڪومت گهڻو عرصو ڪم ڪندي رهندي، ڇاڪاڻ ته جڏهن سڀ ڌريون هڪ صفحي تي هونديون ته خطري جي ڪا ڳالهه نه پيدا ٿيندي،  عاصمه شيرازي چيو ته جمهوري جماعتن کي پنڊي جي ائين حاضري ڀرڻ ٺھي نه ٿو پر ڇا ڪجي ملڪ ۾ اهو سياسي جماعتن جو  ڪلچر ٿئي پيو آھي،وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي ڪابينا جي اهم وزيرن  جهڙوڪ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار , وزير خزانه محمد اورنگرزيب ۽ ٻين سان گڏجي اهو تاثر ڌئڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته توهان کي جيڪي گهرجي اهو توهان کي ملي ويندو، جمهوري ملڪ ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 19 مارچ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.