عمران، باجوا ۽ فيض حميد ٽي ٽي پي کي واپس آندو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان، جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان  پاڪستان کي واپس آندو ،جنرل باجوا ۽ جنرل فيض کي طلب ڪرڻ جي رٿ پيش ڪندس،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چاهيون ٿا ته ٻين پاڙيسرين وانگر افغاني به ويزا وٺي اچن، افغانستان سان سٺن پاڙيسرين جيان رهڻ چاهيون ٿا،هن چيو ته 9 مئي تي احتجاج دوران جناح هائوس، جي ايڇ ڪيو گيٽ سميت ٻين هنڌن تي تشدد وارن واقعن جي جوابدارن کي سزا ڏيڻ بابت آئيني ترميم به ڪري سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.